Ad 468 X 60

Thursday, November 24, 2016

انسان دشمن روايتن جي پوئلڳي

سِڌين ڪهاڙين سان ڳڀا ڪجن، يا گولين جي وسڪارن سان جسم پروڻ ٿين، اڪيلو مرد هٿيار کڻي، عورت کان جيئڻ جو حق کسي يا چند نالي جا عزت وارا، غيرت ۽ انسانيت جا ليڪا لتاڙي، ڪٺ ڪري معصوم حياتين کي ختم ڪرڻ جون فتوائون ڏين، بهرحال موت ته عورت جو ئي مقدر ٿو بڻجي. پسند جي شادي ۽ موت، ڪارنهن الزام، جرڳا ۽ نتيجو موت.... اهي ڳالهيون ڄڻ ته هاڻ سنڌ جي ڪلچر جو حصو بڻجي ويون آهن. اهو ڪلچر قانون نافذ ڪندڙ
ادارن جي غفلت ۽ سياسي پٺڀرائين جي ڪري روز بروز مضبوط ٿيندو پيو وڃي. ذاتي ”عدالتن“ ۾ هٿ جي ٺاهيل ريتن رسمن تحت فيصلا ڪيا ٿا وڃن، جيڪي وري ملڪي عدالتن ۾ چئلينج به نٿا ڪيا وڃن. سنڌ جي وزير اعلى جي ضلعي خيرپور جي شهناز جاگيراڻي، زاهد ابڙي جو دردناڪ قتل ان ئي سلسلي جي ڪڙي آهي. خيرپور مان نڪري حيدرآباد جي ڪورٽ ۾ 23 آگسٽ تي پسند جي شاديءَ کانپوءِ انهن کي اغوا  ڪري واپس خيرپور آندو ويو. جرڳي تحت، شهناز جاگيراڻي ۽ زاهد ابڙي جو گڏ زندگي گهارڻ وارو فيصلو منسوخ ڪندي کين گوليون هڻي ماريو ويو.
ڪارنهن الزام تحت قتل فخريه طور تي قاتل اهو ڏوهه قبول ڪيو، ان يقين سان ته کيس ڪابه سزا نه ملندي. کجين ۾ اڇلايل لاش پوليس برآمد ڪيا، ايف آءِ آر به رياست پاران درج ڪئي وئي، ڇو ته، بي گناهه قتل ٿيندڙ شهناز ۽ زاهد جي پاران ڪير به انصاف جو طلبگار ٿيڻ لاءِ تيار نه هو، ڇو ته هنن پسند جي شادي ڪري ”ناقابل معافي ڏوهه“ ڪيو هو، جنهن جي سزا انهن کي سماجي رسمن مطابق ڏني وئي، جيئن آئينده ٻين نوجوانن لاءِ اهو مثال بنجي وڃي. 24 ماڻهو ايف آءِ آر ۾ نامزد ڪيا ويا آهن، جن ۾ جرڳي ۾ شريڪ ٿيندڙ، فتوى ڏيندڙ ۽ قتل ۾ ملوث ماڻهو شامل آهن. ان وقت ته ضلعي جو ايس ايس پي تمام پراميد هو، چند ڏينهن ۾ سڀني مجرمن کي عبرت ناڪ سزا ڏيارڻ لاءِ تيار هو، پر هن وقت تائين ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي.
هتي قبيلائي نظام صدين کان رائج آهي، جنهن جو بنياد انساني رت تي رکيل آهي. هن نظام تحت خون وڪرو ٿين ٿا ۽ سرن جا سودا ٿين ٿا. هزارين ماڻهو مارجي ٿا وڃن، پر گهڻو ڪري اهڙن جهيڙن ۾ عورت کي ئي نشانو بڻايو ٿو وڃي. اڄ ڪلهه هر ڏينهن سراسري طرح ٻه کان ٽي اهڙا واقعا ٿين ٿا، جن ۾ نياڻين کي پسند جي شادي ڪرڻ جي ”جرم“ ۾ ماريو ٿو وڃي. اهڙن فيصلن ۾ قانون نافذ ڪندڙ ادارن جا اهلڪار به شامل هجن ٿا. ڪڏهن به اهو ناهي ٻڌو ته علائقي جي چونڊيل نمائندن اهڙن غيرقانوني جرڳن جو ڪو نوٽيس ورتو هجي. نا انصافي ۽ قتلن تي مشتمل ان نظام کي هٿ سان پاليو پيو وڃي. ان نظام تحت عوام جي ذهنن کي مفلوج ڪري روشن خياليءَ کان پري رکيو ٿو وڃي، سنڌ جا سياستدان پنهنجي اقتداري ڪرسي بچائڻ خاطر عام ماڻهن کي قبيلائي نظام جي رحم ڪرم ٿي ڇڏيندا پيا اچن. جيڪو با اثر آهي، اهو قانون کي به قيد ٿو ڪري، جيڪو با اثر آهي اهو عام ماڻهو تي حڪومت ٿو ڪري، اسان جي علائقن مان آهستي آهستي قانون جي بالادستي ختم ٿيندي ٿي نظر اچي. وڏين برادرين سان تعلق رکندڙ ماڻهو جڏهن اعلى عهدن تي رسن ٿا، تڏهن به هو پنهنجي ان نظام جي خلاف ڪجهه به نٿا ڪن، بلڪه اسيمبلين ۾ ۽ اعلى اختياراتي ادارن ۾ سينواريل قبيلائي سوچ ۽ جرڳن جي نظام جا نمائندا ٿي، انهن جي ترجماني ٿا ڪن. اها پڻ هڪ حقيقت آهي ته، عام ماڻهو پنهنجن چونڊيل نمائندن جي بنسبت تر جي وڏيرن تي وڌيڪ ٿا ڀاڙين ۽ نتيجي ۾ اهڙيون قهري وارداتون ٿينديون ٿيون رهن. ڳجهه ڳوهه ۾ ڪيتريون ئي عورتون مارجي ٿيون وڃن، جن لاءِ ڪوبه آواز نٿو اٿاريو وڃي. راڄوڻي فيصلا ڪڏهن به گهرن کي آباد ڪرڻ لاءِ ناهن ڪيا ويندا، گهرن جي برباديءَ لاءِ  تمام تڪڙا ”راڄ“ گڏ ٿيندا آهن، سو مهينو کن اڳ پسند جي شادي ڪندڙ ستاره چانڊيو ۽ عبدالوحيد ڪلوئي لاءِ به زندگي جون راهون بند ڪرڻ لاءِ ڪٺ ٿيو ۽ فيصلي جي نتيجي ۾ ڪراچيءَ مان ستاره ۽ عبدالوحيد کي کنڀي، حياتي بخش ڪرڻ جو ڪوڙو واعدو ڪري قاضي احمد جي ڳوٺ انور چانڊيو ۾ آندو ويو، جتي ڀائرن بيرحمي سان ٻنهي کي الڳ ڪيو ۽ ستاره چانڊيو جي زبردستي شادي ڪرائي. ٻئي ڏينهن ڀائرن پنهنجي ڀيڻ ستاره ۽ پنهنجي جيجل ماءُ کي ڌيءَ جي ساٿ  ڏيڻ جي ”ڏوهه“ ۾ علي الاعلان گوليون هڻي ماري ڇڏيو، ۽ کين ڪوبه پڇتاءُ نه ٿيو. ماءُ ۽ ڀيڻ جا رت ۾ وهنتل لاش هنن جي ”غيرت“ لاءِ انعامي تمغا هئا. ستاره چانڊيو ۽ عبدالوحيد ڪلوئي کي تحفظ جا دلاسا ڏيئي واپس آڻڻ، راڄوڻي فيصلا ڪرائڻ، ستاره جي شادي ڪرڻ جي باوجود ان جي زبردستي ٻيهر شادي منٺار چانڊيي سان ڪرائڻ ۽ ستاره کي گولين سان مارڻ ان سان گڏ ان جي ماءُ کي قتل ڪرڻ- انهن سڀني وحشياڻن عملن دوران ڪٿي به رحم، انصاف، انسانيت ۽ قانون پري پري تائين نظر نٿو اچي. هنن کي ڪنهن حيوانيت واري هڪ به عمل ۾ دشواري پيش نه آئي آهي. تمام سولائيءَ سان سڀ مرحلا طئه ٿي ويا، ناحق خون لڙهي ويا ۽ يقيناً چانڊيا ۽ ڪلوئي برادريون جيڪي مورچابند ٿي هڪ ٻئي تي آمهون سامهون بيٺيون هيون، سي ڌريون کير کنڊ ٿي ويون هونديون. قبيلائي نظام ڪنهن آدم خور جيان روز ڪيترن ئي انسانن جو رت پي ٿو وڃي، هو طاقتور ٿيندو ٿو وڃي ۽ انسانيت مرندي ٿي وڃي. انسانيت جا ويري پنهنجين رسمن رواجن ۽ قبيلن جي طور طريقن سان، انسانن کي قربان ڪندا ٿا رهن. افسوس ته قبيلائي جرڳائي نظام ته موجود آهي پر اسان وٽ تحفظ جو ڪوبه نظام موجود نه آهي. پسند جي شادي ڪندڙ ڪورٽ ۾ پهچن ته به مارجي ٿا وڃن ۽ جي درالامان ٿا پهچن ته جدا ڪيا ٿا وڃن. موت ۽ جدائي وچ ۾ ڪا ئي جاءِ پناهه ناهي...!
ڏٺو وڃي ته اهي علائقا، جتي قبيلائي جهيڙا گهڻا ٿا ٿين ۽ سوين ماڻهو ڪجهه گهڙين اندر مارجي ٿا وڃن، سوين گهر اجڙن ٿا، انهن خلاف ڀرپور آواز نٿو اٿاريو وڃي. شايد اها شئي هاڻ تسليم ڪرڻي پوندي ته اهو نظام هاڻ اسان جي سياست ۾ به شامل ٿي چڪو آهي.  جن علائقن ۾ کلئي عام قتل ٿين، بي ڏوهي معصوم عورتون، مائرون ڀائرن ۽ پٽن هٿان زندگيون وڃائينديون رهن، قاتل ٿاڻن تي اچي فخريه قتل جو اقرار  به ڪن، پوءِ به انهن کي ڪابه سزا نه ڏني وڃي. وڌ ۾ وڌ پوليس جاچ جو دائرو وڌائڻ جي دعوى ڪري ۽ چند ڏينهن کان پوءِ فائيل هزارن فائيلن اندر گم ٿي وڃي ۽ جوابدار، ضمانت تي آزاد  گهمڻ شروع ڪن ته پوءِ، ڇا ٿو چئي سگهجي ته اهڙا نمائندا عوام جا نمائندا آهن يا ان ظالم سماج جا، جنهن جو ڪم صرف موت پکيڙڻ آهي. وڌندڙ لاقانونيت ٻڌائي ٿي ته ايندڙ وقت قانون ۽ انصاف جو نه پر، ظلم ۽ جبر جو ئي آهي. هت ته ڏوهن جو ڊگهو سلسلو ٿو هجي، جنهن ۾ هر ڪڙي ٻي ڪڙيءَ سان مضبوطيءَ سان جڙيل آهي. با اثر ماڻهو، پوليس - سڀئي گڏجي انسانيت دشمن سماجي نظام کي هٿي ڏيندا ٿا رهن. عام ماڻهو انهن سڀني جي وچ ۾ اهڙي ”شئي“ آهن، جن جو ڪم برداشت ڪرڻ ۽ سهڻ آهي، ان جو ردِ عمل ڪا معنى نٿو رکي. انساني طبقن جو شعور انهن جي ڳٺ جوڙ کي ٽوڙي نه پيو سگهي، نه سهڻيون ٻڏڻ ٿيون ڇڏين، نه ڪچا گهڙا پڪا ٿا ٿين ۽ نه ئي وري واڳن جا پيٽ ٿا ڀرجن.
haseenmusarat@yahoo.com

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪه:حسين مسرت
حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت اڳتي پڙهو →

0 تبصرا: