Ad 468 X 60

Thursday, November 24, 2016

بي گهر جمنا

اهو ڪو گهڻو پراڻو دور نه هو، جڏهن جهانگير جي زنجير عدل جو آواز سڌو سنئون بادشاهه تائين پهچندو هو ۽ قانون مطابق تڪڙو انصاف فراهم ڪيو ويندو هو. هي اُهو دور هو، جڏهن جديد سهولتون نه هيون. سواريءَ لاءِ جانور استعمال ٿيندا هئا ۽ خبر پهچائڻ ۽ پيغام جي رسائيءَ لاءِ به جانور ۽ ڪبوتر ڪم
ايندا هئا. مهينن جا مهينا سفر ڪري ماڻهو هڪ شهر کان ٻئي شهر تائين رسندا هئا. پر بادشاهن جي پيغام رسائيءَ جو سرشتو فعال هو. تاريخ چوي ٿي ته عام ماڻهو ننڍن مسئلن لاءِ نه ته به ڪجهه ضروري ڪمن، انصاف ۽ مدد لاءِ آڌي رات جو به زنجير عدل کي لوڏي، بادشاهه کي سڏي وٺندا هئا ۽ بادشاهه پاڻ انهن جون شڪايتون ٻڌندو هو. شايد ان دور ۾ بادشاهه گهڻو معروف نه هئا. انڪري عوام انهن لاءِ اهميت رکندڙ هو. يا ته وري انهن کي ان ڳالهه جو به احساس هو ته عوام ۾ مقبوليت وڌائڻ لاءِ عوام جون دليون کٽڻ ۽ انهن کي ڪجهه انصاف ڏيڻ ضروري بڻجي ٿو. اڄ جي تيز رفتار دور جي ڀيٽ ۾ اهي بادشاهه عوام بابت گهڻا باخبر هئا. اڄ جڏهن پيغام رسائيءَ جا تيز ترين ذريعا اسان وٽ موجود آهن، پر ڪو غريب پنهنجو آواز وقت جي حڪمرانن تائين پهچائي نٿو سگهي. هڪ غريب عورت جيڪا 90 سالن جي ڄمار ۾ پريس ڪلب حيدرآباد اڳيان احتجاج ڪري ٿي، پر ان جو احتجاج ۽ آواز رڳو اخبار جي پنن ۾ لڪل رهجي ٿو وڃي. واڳ ڌڻين تائين پهچي ئي نٿو. هڪ پيرسن عورت، جيڪا مهيني کان دربدر رلي ٿي، رستن تي دانهي ٿي. هوءَ ماءُ جنهن کي پيرسنيءَ سبب پٽ گهر مان ڪڍي ٿا ڇڏين، هوءَ ميڊيا کي ٻڌائي ٿي ته پٽ گهر ۾ رهڻ نٿا ڏين. هوءَ ڊي آءِ جي ۽ ڪمشنر حيدرآباد تائين پنهنجو آواز پهچائڻ ٿي چاهي، پر سندس آواز بلند ٿئي ٿو ۽ پولارن ۾ گردش ڪندو رهجي ٿو وڃي. هن جو ڪمزور آواز تيز ترين اطلاعات جي سهولتن کان پو به حڪومت تائين نه ٿو پهچي سگهي.
        زندگيءَ جي ڊرامي ۾ ماءُ جو ڪردار رڳو ايترو ئي هجي ٿو، جو هوءَ پنهنجي زندگيءَ جون سڀ سهولتون اولاد کي ارپي، پيدا ڪري، پرورش ڪري، تعليم ڏياري، اولاد خاص طور پٽ، جڏهن ڪنهن مقام تي پهچن ٿا ته کين جيڪا شيءِ گهر ۾ سڀ کان وڌيڪ فالتو ٿي نظر اچي، اها ماءُ هجي ٿي. گهر جي فالتو سامان کي اڇلائڻ کان پهرين ماءُ کي اڇلايو ٿو وڃي. جمنا، جيڪا هن وقت پنهنجي گهر کان بيدخل ڪئي ويئي آهي. ان جهڙيون گهڻيون عورتون آهن، جيڪي اکيون کولين ٿيون پيءُ جي گهر ۾، اکيون بند ٿيڻ تائين پنهنجي ڇت ۽ پنهنجي زمين ڏسڻ کان محروم ٿيون رهن. عورت جيڪا گهر جو سڀ ڪم ڪندي، گهر جي ڪنڊ ڪنڊ کي چمڪائڻ کان پو به ڪڏهن به گهر جي مالڪ نٿي بڻجي سگهي. هن جي نصيب ۾ نه هڪ ڪمرو آهي نه ئي هڪ گهر آهي. سڄي عمر مسافرن جيان گذري ٿي ۽ پنهنجي پوري توانائي، محنت ۽ صلاحيت ان گهر کي سنوارڻ ۽ سينگارڻ ۾ ٿي گذري ۽ گهر جي مالڪ سڏرائڻ جو حق نٿي رکي. گهر جو مالڪ سدائين مرد ئي هجي ٿو. طاقت جي ورهاست رشتن جي نالي ڪئي ويئي آهي. رڳو نالا تبديل ٿيندا آهن. حڪمرانيءَ جا اختيار سدائين مرد وٽ ئي ٿا رهن. رشتن جي جوڙجڪ ۾ عورت پنهنجي محبت ۽ محنت ٻئي ورهائي ٿي، پر بدلي ۾ ڪجهه به نٿو ملي.
90 سالن جي جمنا ته اپيلون ڪري رهي آهي، جنهن کي خبر نه آهي ته اعليٰ اختيارين تائين پهچڻ لا گس ڪهڙو آهي. عام ماڻهو ميڊيا جو سهارو وٺن ٿا، جنهن کي اڄوڪي دور ۾ تڪڙو پيغام جي رسائيءَ جو طريقو سمجهيو وڃي ٿو. پر اعليٰ اختيار رکڻ وارا روز ٿيندڙ احتجاجن، بک هڙتالن ۽ اپيلن تي ڌيان ڌرڻ لاءِ تيار ئي ناهن. احتجاج بس هڪ رسم جي حيثيت اختيار ڪري چڪا آهن، جن کان اعليٰ اختيارين وارا به واقف هوندا آهن، پر انهن کي ڌيان ڏيڻ جي لائق نٿو سمجهيو وڃي. حقيقت کان اکيون پورڻ، سچائيءَ کي نظرانداز ڪرڻ انهن جو آخري هٿيار بڻجي چڪو آهي. هڪ فرد جيڪي حق رکي ٿو، اهي هن وقت واضح ناهن. ڏوهه ۽ گهر جو مسئلو پاڻ ۾ گڏ وچڙ سمجهيا ٿا وڃن. عورت سان واسطو رکندڙ ڏوهه گهڻو ڪري "گهر جو مسئلو" "گهريلو معاملو" جي ليبل هيٺ ڏوهن واري خاني مان خارج ڪيا ٿا وڃن. عورت تي تشدد ڪيو وڃي، ماريو وڃي، ڀلي روڊن رستن تي، گهرن ۾ يا ڪورٽن جي سامهون ماريو وڃي، پر اهڙا ڏوهاري سزا کان بچي ٿا وڃن.
        رشتن جي خوبصورت ڄار ۾ ڦاٿل عورت، جڏهن ظلم خلاف احتجاج ڪري ٿي ته هوءَ يڪدم سماج ۽ خاندان مان فارغ سمجهي وڃي ٿي. پنهنجن پيارن هٿان استحصال جو شڪار ٿيندڙ عورت، جڏهن بيوس بڻجي قانون طرف نظر ڦيرائي ٿي ته قانون به ان کي تحفظ ۽ انصاف ڏيڻ ۾ ناڪام ٿو نظر اچي. پنهنجي پاڻ تي ظلم برداشت نه ڪندڙ، يڪدم گهر کان محروم بڻجي ٿي وڃي. اسان وٽ حڪومت پاران اهڙي ڪابه پناهگاهه ناهي، جتي عورت قانون جي رسائي ۽ انصاف ملڻ تائين پنهنجي جان بچائي رهي سگهي. حيدرآباد جهڙي وڏي شهر ۾ به عورتن لاءِ ڪابه پناهه ناهي، "ش" کي سندس مڙس تشدد ڪري گهر مان ڪڍي ڇڏيو، ٻارن کي ماريائين. "ش" صبح کان رات تائين رستن تي ڌڪا کائيندي رهي. شام تائين پوليس، ٿاڻن جون حدون جاچيندي ۽ ماپيندي رهي ته هن عورت جو ڪيس ڪهڙي ٿاڻي جي حد ۾ درج ٿيندو، نيٺ نتيجو اهو نڪتو، جو کيس چيو ويو ته هي گهر جو جهيڙو آهي. ان ۾ قانون جو ڪوبه عمل دخل ناهي. "ش" کي گهر نه مليو، نه هن کي مڙس گهر ۾ اچڻ ڏنو، نه وري مائٽن ۾ سک سان رهي سگهي.
        دارالامان ننڍا جيل خانا آهن، جن ۾ عورتن جي ڪابه سماجي زندگي نٿي هجي. پڙهيل لکيل عورت جنهن ۾ ڪم ڪرڻ جي صلاحيت به هوندي آهي، اها به ڪنهن مجرم ۽ قيديءَ جيان زندگي ٿي گذاري. معاشي طرح پاڻڀرو ٿيڻ يا پنهنجي زندگي پنهنجي مرضيءَ سان گذارڻ جو اختيار عورت وٽ ناهي هوندو. اهڙا ادارا جتي عورت پناهه حاصل ڪري ۽ معاشي، سماجي سرگرميون جاري رکي سگهي، فعال ناهن. ويهه سالن جي "راحيلا" چوي ٿي ته، "بابا مون کي اسڪول نٿو موڪلي، آئون اسڪول وينديس، پڙهنديس، بابا منهنجو ڪمرو ٺهرائيندو، پوءِ گهر وينديس."
        راحيلا اهي جملا ڪنهن آزاد فضا ۾ رهندي نه پئي چوي، هوءَ ته ڪنهن نفسياتي اسپتال جي سلاخن پويان ڳالهائي رهي آهي. راحيلا چوي ٿي ته "بابا چوي ٿو ته ڇوڪرين کي اسڪول وڃڻ جي ضرورت ناهي، کين رڳو مذهبي ڪتاب پڙهڻ گهرجن."
        ڊاڪٽر مطابق راحيلا نفسياتي مريض آهي، گهر ۾ هن کي صبر ۽ چپ جو سبق پڙهايو پئي ويو. راحيلا کي ننڍا ڀائر ڀينرون تنگ ڪندا هئا ۽ هوءَ انهن تي ڪاوڙ ڪندي هئي. راحيلا شاعري به ڪري ٿي، هوءَ رڳو پنجين ڪلاس تائين تعليم حاصل ڪري سگهي. روايتي چپ چاپ ڇوڪرين کان مختلف، پنهنجي گهر ۾ پنهنجو ڪمرو گهرندڙ کي چريائپ جو سرٽيفڪيٽ ملي چڪو آهي. هوءَ اڄ به منتظر آهي ته "بابا سندس ڪمرو ٺهرائيندو ته پوءِ هوءَ گهر ويندي."
        بيخبريءَ جي دنيا ۾ خبر رکندڙ مجرم بڻجي ٿو وڃي. اڻڄاڻ ماڻهن ۾ ڄاڻ رکندڙ ڏوهاري آهي. پنهنجو گهر، پنهنجو اجهو گهرندڙ عورت به اڄ يا ڏوهاري بڻجي جيل ٿي وڃي، يا پاڳل بڻجي سلاخن جي پويان ٿي وڃي. راحيلا جي ان حالت جي ذميواري ڇا سندس گهر ۾ رهندڙ مائٽن جي ناهي؟ سندس والد پاران مڙهيل حد کان وڌيڪ پابندين هن کي پاڳل پڻي جي دائري ۾ قيد ڪري ڇڏيو. شايد گهڻيون راحيلائون آهن، جن جون اکيون خواب ڏسن ٿيون، ارمان پالين ٿيون، پر اهي پورا نٿا ٿين. اڻپورين خواهشن ۽ ارمانن جي بار هيٺان هوءَ پنهنجي دعا جي سگهه ۽ سوچڻ سمجهڻ جي صلاحيت به وڃائي ٿيون ويهن. انساني دماغ ڪيترو ٻوجهه برداشت ڪري سگهي ٿو؟ شايد انڌن ٻوڙن جي سماج ۾ آواز رکندڙ ماڻهن جو انجام سقراط جهڙو ئي ٿئي ٿو. اڻڄاڻ ۽ ڄاڻ رکندڙن جو گڏجي رهڻ ممڪن ئي نٿو هجي، سقراط جيان زهر جا پيالا پيڻ سولو آهي، پر ڄاڻ رکندي اڻڄاڻ بڻجڻ ۽ خبر هوندي به بيخبر ٿي زندگي گذارڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. سماج ۾ اڀرندڙ احتجاجن جو آواز ۽ اپيلون آخر ڪير واڳ ڌڻين تائين پهچائيندو. گهر ۾ عورت جي هجڻ وارو تصور رڳو پرڪشش جملي کان سواءِ ڪابه حيثيت نٿو رکي. مرد جي مرضي آهي ته هو ڪنهن به وقت عورت کي گهر کان بي گهر بڻائي ڇڏي، هو هر رشتي ۾ اختيار جون واڳون پاڻ وٽ ٿو رکي. پيءُ، ڀاءُ، مڙس، پٽ جو هر روپ حڪمراني ۽ اختيار جو اهڃاڻ هوندو آهي ۽ حڪومت ۽ رياست به اهڙو ئي ذهن رکي ٿي. هڪ صدي جي ويجهو ڄمار گذارڻ کان پوءِ به اڄ جي جمنا رستن تي بي پهچ روئيندي ٿي رهي. رات جي اونداهيءَ ۾، سندس گهر ۾ ڪجهه پهر گذاري ٿي، جتان صبح اڀرڻ شرط هن جا بااختيار مالڪ پٽ، کيس ڌڪا ڏيئي ڪڍي ٿا ڇڏين، پوءِ هوءَ آهي ۽ پريس ڪلب جا آباد رستا ۽ بي ڪوڪ آواز ۽ بي پهچ احتجاج آهن.

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪه:حسين مسرت
حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت اڳتي پڙهو →

0 تبصرا: