Ad 468 X 60

Thursday, November 24, 2016

آزاد ذهن خاموش ڇو آهن!؟


آواز هڪ ڌر جو ۽ انداز ٻين جو، سوچ هڪ ڌر جي ۽ پيش ڪندڙ ٻي ڌر، ان جو اثر ٽئين ڌر تي ٿئي ۽ فائدو وري چوٿين ڌر حاصل ڪري.
اهو سڀڪجهه ٿيندو آهي پتلي تماشي ۾. پتلي تماشي ۾ بي جان بتن کي عوام آڏو پيش ڪيو ويندو آهي بي جان بت اڻ ڏٺل ڏور سان ٻڌل هوندا آهن. هنن جو هر لفظ پرائي سوچ جي عڪاسي ڪندڙ ۽ سندن چرپر جو انداز، ڏور هلائيندڙ جو محتاج هوندو آهي. ڏور هلائيندڙ، بي جان بتن وسيلي مجسمي جي جذبن سان کيڏندا آهن. انهن جو کلڻ، روئڻ انهن جي ڪنٽرول ۾ هوندو آهي. ان پتلي تماشي مان فائدو حاصل ڪندڙ، ڏور هلائڻ وارن، پتلن ۽ مجسمي جي مفادن سان ڪا دلچسپي رکڻ ضروري ڪونه سمجهندا آهن. ان تفريحي کيڏ ۾ هر ڌر بي خبر هوندي آهي. ساڳي صورتحال جڏهن انسانن تي مڙهي ويندي آهي ته هو به اڻ ڄاڻائيءَ ۾ ٻين جي مفادن جي جنگ وڙهندو آهي، جدوجهد ڪندو آهي، فائدو ٻيا حاصل ڪندا آهن. ڪجهه قوتون انسان جي آزاد سوچ ۽ فڪر کي ناپسند ڪنديون آهن، اهي هميشه آزاد ذهن ۽ فڪر رکندڙ طبقي تي اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش ۾ مصروف رهنديون آهن. بنياد پرست قوتون هر ترقيءَ پسند سوچ کي قابو ۾ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف رهنديون آهن. ترقيءَ پسندي ۽ روشن خيالي جو موت سندن جياپي جو آسرو هوندو آهي.
دنيا جي تاريخ اهڙن مثالن سان ڀري پئي آهي. 1979ع ۾ آيل ايران جو انقلاب جمهوريت پسند ماڻهن جي جدوجهد جو نتيجو هو، پر بنيادپرست قوتون ان تي حاوي ٿي ويون. انڊونيشيا ۽ يوڪرين ۾ انقلاب کان پوءِ عرب ملڪن تيونس ۽ مصر ۾ انقلاب تبديلي آڻيندڙ نظر اچي رهيو آهي. مصر ۾ آيل پرامن انقلاب کان پوءِ سياسي صورتحال اڃا واضح نه پئي ٿئي ته ان انقلاب جو کٽيو ڪهڙي ڌر کائيندي، بظاهر ته عوام جي آزاديءَ ۽ جمهوريت لاءِ وڙهيل جنگ اقتدار جي حصول جي جنگ ۾ تبديل ٿيندي ٿي نظر اچي. مصر اهو قديم تاريخي ملڪ آهي، جنهن ۾ ايندڙ هر تبديلي سڄي عرب دنيا ۽ ايشيا جي ملڪن تي اثرانداز ٿئي ٿي. تيونس ۽ مصر کان ايندڙ انقلاب جي لهر جي اثراندازي تي غور ڪرڻ کان پهرين هڪ نظر عرب ملڪن مان آيل بنياد پرستيءَ جي اڀار تي وجهڻ بهتر ٿيندي ۽ انقلاب ۽ جدوجهد جي ضرورت به واضح ٿيندي.
انتهاپسندي ڪنهن خطرناڪ بيماريءَ جيان قومن جي سوچ، فڪر ۽ سمجهه تي اثرانداز ٿي ترقي جي هر راهه کي محدود ڪندڙ هجي ٿي. انتهاپسندي سياسي هجي يا مذهبي، روشن خياليءَ جي قاتل ثابت ٿيندي آهي. بنيادپرستيءَ کي هڪ تحريڪ سمجهي سگهجي ٿو، جيڪا انسانن جي معاشي ذريعن ۽ سماجي ڪاروهنوار تي قابض ٿي سماجي روين ۽ شعور جي بالادستيءَ کي رد ڪري مدي خارج روايتون ۽ اصول مڙهي ٿي. بنيادپرستي انساني حقن کي رد ڪندڙ هجي ٿي. هن وقت پاڪستان بنيادپرستيءَ جي ڄار ۾ ڦاٿل انهن ملڪن مان هڪ آهي، جيڪي ان ڄار مان نڪرڻ لاءِ جدوجهد ۾ مصروف آهن، سياسي بنيادپرستيءَ جي بنسبت مذهبي بنيادپرستي وڌيڪ خوف ۾ مبتلا ڪندڙ هجي ٿي. مذهبي بنيادپرستيءَ جو تعلق ڪنهن به هڪ مذهب سان نه هوندو آهي. دنيا جي سڀني مذهبن ۾ اهي تحريڪون قديم دورن کان موجود رهيون آهن. بنيادپرست قوتن جو پسنديده شڪار پڙهيل طبقا هجن ٿا، جن ۾ سرفهرست عورتون هونديون آهن. مذهبي بنيادپرستيءَ جا 80 سيڪڙو کان مٿي حڪم عورتن جي حقن جي خلاف هوندا آهن، عورتن کي ڏائڻيون جادوگرياڻيون چوڻ ۽ هزارين عورتن کي مارائڻ جا قصه تاريخ مان وسريل نه ناهن. بنيادپرست قدامت پسند هوندا آهن. هو پراڻن دورن جا مثال ڏيئي انهن روايتن ۽ حڪمن کي جديد دور ۾ لاڳو ڪرڻ لاءِ ڪوشان رهندا آهن ۽ مذهبي حڪمن جي لفظي تشريح ڪندا آهن، ان جي مفهوم ۽ مقصد کي سمجهڻ کان قاصر هوندا آهن. هنن لاءِ سائنس جون ايجادون ۽ ترقي جو هر ذريعو ناقابل قبول هوندو آهي. هنن لاءِ انساني تفريح ۽ خوشين جو هر موقعو قابل مذمت هوندو آهي، جنهن جي هو مخالفت ڪندا رهندا آهن. هو سماج ۾ قبرستان جهڙي ماٺ، خاموشي ۽ خوف جي فضا تشڪيل ڏيندا آهن، خوف جي ذريعي هو عام انساني زندگيءَ کي مرده بنائڻ چاهيندا آهن. زندگيءَ جي هر خوشي، رونق، وندر، موسيقي، آرام ۽ سڪون کي گناهه جي زمري ۾ آڻيندا آهن. انساني زندگيءَ کي مشڪل ۽ تڪليفده بنائيندڙ هر عمل انهن لاءِ پسنديده هوندو آهي.
اسٽيفن زويگ پنهنجي ڪتاب “The right to heresy” ۾ 16 صدي عيسوي ۾ ڪليسا پاران مقرر ڪيل لڱ ڪانڊاريندڙ سزائن جو ذڪر ڪيو آهي. ان مذهبي ڪٽرپڻي کي يورپ جي تاريخ ۾ ”مذهبي آمريت“ جي نالي سان ياد ڪيو ويو آهي. ان دور ۾ انسانن کي دردناڪ سزائون ڏنيون وينديون هيون. مثال طور ٿڪ سبب ديول ۾ واعظ هلندي ڪنهن کي ننڊ اچي وئي سزا جي. ڪنهن مٺي شيءِ کاڌي ته سزا ۾ ٽي ڏينهن رکي ماني... ڪنهن راند ڪئي سزا جيل. ڪنهن موسيقي ٻڌي يا ڪو ساز وڄايو سزا شهر نيڪالي، ڪنهن نظرياتي اختلاف ڪيو ته ڦٽڪا ۽ جيڪڏهن ڪنهن ان مذهبي ڪٽر پڻي خلاف ڳالهايو ته زبان ۾ ڳاڙهي تتل لوهي سيخ سان سوراخ ڪيو ويندو هو. انسانن کي ٽڪر ٽڪر ڪرڻ جون سزائون به روا هيون. سروينس برونو کي به انهن ئي مذهبي ڪٽر پڻي جي قانونن تحت زنده ساڙي ڪوئلو ڪيو ويو هو. اهڙيون انسانيت سوز سزائون سرِعام ڏنيون وينديون هيون ته جيئن ٻيا ماڻهو ان کي ڏسي عبرت حاصل ڪن. بنياد پرستيءَ جي انهن ظالماڻي سزائن جو ان کان وڌيڪ ڪوبه مقصد نه هوندو آهي ته ماڻهن مان همت، اعتماد، شعور ۽ خوشيءَ جو خاتمو ڪيو وڃي. بنياد پرستي ٻاٽ اونداهي آهي، جيڪا انساني برابري، عقل، شعور، دانائي، غرور ۽ فڪر کي وڪوڙي وڃي ٿي ۽ انسانيت کي هڪ محدود دائري ۾ قيد ڪري ساهه گهٽيندڙ ماحول فراهم ٿي ڪري. غير مستحڪم معاشي صورتحال، سماجي انتشار، حڪومتن جي ڪمزوري ۽ زوال بنيادپرست تحريڪن کي هٿي ڏيندڙ هوندو آهي.
ويهين صدي جي شروعات ۾ ڪجهه بنيادپرست مذهبي تحريڪون هليون، جيڪي سڄي دنيا تي اثرانداز ٿيون. ’آرگن‘ صيهونيت جي حامي پهرين تنظيم انتهاپسند تنظيم هئي، جنهن فلسطين جي مسلمانن خلاف ڪارروايون ڪيون ۽ ردعمل جي طور تي مصر ۾ 1928ع ۾ ’اخوان المسلمين‘ وجود ۾ آئي. هن تنظيم عرب اسرائيل جنگ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پابندين لڳڻ جي باوجود هن جون سرگرميون جاري رهيون. ننڍي کنڊ ۾ انگريزن جي اچڻ سان هندو مسلم تعصب جي شروعات ٿي. ڪجهه مذهبي عالمن جون تعليمات زور شور سان شروع ٿي ويون، جن ۾ سر سيد احمد خان، شاهه ولي الله ۽ سيد احمد نمايان هئا. جڏهن تحريڪ پاڪستان شروع ٿي 1906ع ۾ مسلم ليگ جو بنياد پيو ته ان تنظيم جي ذريعي مذهب کي اقتدار جي حصول جو ذريعو بنايو ويو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ عبدالجلال ودودي اسلامي جماعت جو پايو وڌو ۽ پاڪستان جي سياست تي حاوي ٿيڻ جي لاءِ هن جماعت اسلامي رياست جو تصور ڏنو. ان کان پهرين ڪنهن به مذهبي تحريڪ جا نظريا قانون تي اثرانداز نه هئا، پر پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ انتهاپسنديءَ وارا نظريا رياست جي قانونن کي مٽائڻ لاءِ استعمال ٿيڻ لڳا. ان جو ثبوت ضياءُ الحق جي دور جا قانون آهن. ضياءَ پنهنجي حڪومت بچائڻ لاءِ سخت بنيادپرست قانونن جو سهارو ورتو ۽ ماڻهن کي سخت سزائن جي خوف ۾ مبتلا ڪري حڪومت ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
انفرادي مذهبيت سماج کي نقصان ۾ پهچائيندي آهي، پر اجتماعي سوچ هاڃيڪار ثابت ٿيندي آهي، ڇو ته بنيادپرست جمهوريت پسند نه هوندا آهن، هو اقليت ۾ هوندا آهن، پر حڪومتن تي قابض بڻجي ويندا آهن، هو پنهنجي سوچ ۽ سمجهه کي صحيح ثابت ڪري اڪثريت مٿان مڙهيندا آهن ۽ عوام جي فيصلي سازي واري حق جي نفي ڪندڙ هوندا آهن. بنيادپرستن جو مقابلو ڪرڻ ان ڪري به ڏکيو آهي ته هو نظرياتي اختلاف جا انڪاري هوندا آهن. هنن وٽ اختلاف راءِ بغاوت جي زمري ۾ اچي ٿي. انتهاپسندي جو ڪوبه نظريو عوام جي معاشي ۽ سماجي ترقيءَ کي هٿي ڏيندڙ نه هوندو آهي. هن وقت پاڪستان کي درپيش مسئلن کي وڌائيندڙ بنيادپرست ئي آهن، جيڪي هن رياست کي بين الاقوامي سطح تي پاڻ ڀرو ٿيڻ ۾ رڪاوٽون پيدا ڪري رهيا آهن. سائنس ۽ جديديت جا مخالف بنيادپرست پنهنجي مفاد لاءِ انهن شين جو استعمال ڪن ٿا. هو پنهنجا نظريا ڦهلائڻ لاءِ اليڪٽرانڪ ميڊيا جو سهارو به وٺي رهيا آهن، پرنٽ ميڊيا تي به حاوي ٿي رهيا آهن. هنن صديون پهرين جيڪو ٻج ڇٽيو سو هاڻ لڻي رهيا آهن.
عرب ملڪن ۾ ايندڙ تبديلي ان ڪري خوش آئين ٿي لڳي ته انهن ملڪن مان جڏهن بنيادپرستي جو خاتمو ٿي رهيو آهي ته انهن جا اثر اسان جي ملڪ تي پوڻ فطري ڳالهه آهي. لبرل قوتن جو گڏيل لائحه عمل ۽ جدوجهد رياست کي انهن بنيادپرستن قوتن کان بچائڻ لاءِ ڪارگر ثابت ٿي سگهي ٿي.
هن وقت صورتحال اها آهي ته انتهاپسند قوتون اسان جي رياست تي حاوي آهن. اسان جا تعليمي ادارا به انهن جي ور چڙهيل آهن، اسان جو نئون نسل هنن جي زير اثر ٿي چڪو آهي.
بهتر روشن مستقبل جا خواب ڏسندڙ ڌرين کي هڪ ڊگهي جدوجهد شروع ڪرڻ کان پهرين نئين نسل کي تعليم ذريعي روشن خيال ۽ جمهوريت ڏانهن راغب ڪرڻ لاءِ لائحه عمل ٺاهڻو پوندو ۽ اسان کي پنهنجي نالي ماتر لبرل آزاد ميڊيا کي به گهري ننڊ مان جاڳائڻو پوندو. اڄ جي دور ۾ سلمان تاثير جي قاتل ممتاز قادريءَ کي هيرو بنائي ان تي فلمون ٺاهيون پيون وڃن ته لبرل قوتن جي خاموشيءَ تي حيرت ٿي ٿئي. ان خاموشي جي مجرمانه ماٺ جو ٽٽڻ ڪاميابيءَ جي پهرين سيڙهي ثابت ٿيندو...! آزاد چپ ۽ آزاد ذهن جيستائين پنهنجي راءِ جو اظهار نه ڪندا، تيستائين گهٽ ٻوسٽ واري فضا جو خاتمو ناممڪن آهي. ڪاميابي هميشه نااميديءَ جي اٿاهه گهراين مان جنم وٺندي آهي ۽ دائمي هوندي آهي.

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪه:حسين مسرت
حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت اڳتي پڙهو →

0 تبصرا: