Ad 468 X 60

Thursday, November 24, 2016

لياري جتي صرف خوف جي حڪمراني آهي!

هتي هر خوشيءَ ۽ ڪاميابيءَ جي قيمت چڪائڻي پوندي آهي، خوشين جا لمحه خريد ڪرڻا پوندا آهن ۽ زندگي جي پلن جي به قيمت ڏيڻي پوندي آهي. هو پنهنجي محنت سان ڪمايل آمدني تي ڀتي ڏيڻ جا عادي بڻجي چڪا آهن. دوڪان وڏو هجي يا ننڍو،  ان جي هلڻ جي ضمانت ڀتو آهي. پڪوڙي وارو، مڇي يا برگر جو ننڍڙو
دوڪان به بنا ڀتو ڏيڻ جي ڪمائڻ جو تصور به نٿو ڪري سگهي. اُتي شادي ڪارڊ ۾ گولي سان گڏ پرچيءَ به ملندي آهي. شاديءَ لاءِ ڄڃ جي زنده سلامت روانگي ۽ واپسي قيمت ڏيڻ کان سواءِ ممڪن ئي ناهي. بدين ۽ تلهار جي وچ ۾ رهندڙ، لياري ڇڏي ايندڙ سوين دربدر ماڻهو پنهنجا گهر ڇڏڻ جا سبب ٻڌائين ٿا، جن ۾ سرفهرست خوف آهي. لياري جي علائقي ۾ رهندڙ مختلف ذاتيون، جيڪي گهڻي عرصي کان حالت جنگ ۾ آهن، انهن جي زندگيءَ جي ڪربناڪين تان هاڻ پردو کڄڻ شروع ٿيو آهي. لياري مان نڪري مختلف علائقن ۾ پناهه وٺندڙ سوين خاندانن جي دربدري جا سبب ساڳيا ئي آهن.
اهم جاگرافيائي بيهڪ رکندڙ علائقو، پنهنجي اهميت، افاديت هٿان گهڻو ڀوڳيندو رهيو آهي. جانورن کي ذبح ڪري انهن جي عضون جا ٽڪر ۽ کلون، وچ چوراهن تي لڪڙن ذريعي لڳائي، علامتي دهشت پکيڙن جي طريقن کان وٺي ٻورين ۾ بند ٽڪرن جي صورت ۾ انساني وجود ڪڇي ماڻهن جي زندگي عذاب ڪرڻ لاءِ ڪافي هئا، پر هاڻ ته کلي عام فائرنگ، گهرن تي حملا، راڪيٽ سان گهر تباهه ڪرڻ به شروع ڪيا ويا آهن.
چند ڦاٽل خيمن ۾ پناهه وٺندڙ ڪڇي عورتون پنهنجي علائقي جي امن لاءِ هٿيار کڻڻ لاءِ تيار آهن. هنن پنهنجن گهرن مان لڏ پلاڻ امن خاطر ڪئي آهي، هو چون ٿيون ته گينگ وار وارن علائقي جو امن برباد ڪيو آهي. ٻن وڏين سياسي تنظيمن ٻه وڏا گروهه تشڪيل ڏنا، هر ڪنهن پنهنجي گروهه کي مضبوط ڪيو  ۽ دهشت ذريعي لياري جي مختلف علائقن تي پنهنجو پنهنجو اثر ڄمائڻ شروع ڪيو. دهشت ۽ خوف جون علامتون الڳ الڳ، پر نشانو اهي ساڳيا لياريءَ جي رهواسين ۾دهشت پکيڙي ويئي ۽ ڌاڙيل پاليا ويا. سالن کان گڏ رهڻ وارا بلوچ ۽ ڪڇي سياسي ڌرين جي پاليسين جي ڪري ورهائجي ويا. لياري هن وقت ڏوهن جو ڳڙهه بڻجي چڪو آهي. صدين کان ڌارين جي ڪاهن جو سبب سنڌ جو تجارتي مرڪز هونئن ته رهندو اچي. سنڌ جي زرخيز زمين ۽ اهم بندرگاهه صدين کان ڌارين جي تجارتي ۽ جنگي مفادن لاءِ ڪشش رکندڙ رهي آهي. لياري واسين جو ڏوهه به ايترو آهي، جو هو بندرگاهه کان شهر جي مرڪز طرف ويندڙ رستن جي اهم خوشقسمت علائقن جا بدنصيب رهواسي آهن. سياست جي نالي تي ڏوهن ۽ دهشت جو ڪاروبار ڪندڙ ڪڏهن امن پسند رهواسين جو وجود برداشت نٿا ڪري سگهن. ڪيترين ئي مافيائن ۽ سياسي سرپرستيءَ هيٺ لياري ۾ وڳوڙ پکيڙيندڙ ڌرين جا سرپرست ڪڏهن به اتي جي رهواسين کان ڳجها نه رهيا آهن. هي اهي قوتون آهن، جيڪي هاڻ پنهنجن ٺاهيندڙن جي ڪنٽرول کان ٻاهر نڪري چڪيون آهن. ڪنهن بدمست هاٿيءَ جيان هو سامهون ايندڙ هر شئي کي برباد ڪرڻ ٿا چاهين. لياري ايڪسپريس وي انهن کي ڪڏهن به پنهنجي فائدي جوڳو نه نظر آيو آهي. ڇو ته چند لمحن ۾ ڪراچي شهر کي مفلوج ۽ ساڪت بنائڻ جي خواهشمندن کي ائين محسوس ٿيو ته ڄڻ شهر جو ريموٽ ڪنٽرول هنن جي هٿن مان ڇڏائجي ويو هجي. خوف کان سواءِ عوام وٽ هن وقت ڪوبه هٿيار ناهي، هنن هميشه خوف ۽ دهشت پکيڙي عام ماڻهن ۽ ٻين سياسي توڙي حڪومتي ڌرين کي پنهنجي اڳيان گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪيو آهي. اها حڪومتي ڪمزوري هئي، جنهن مفاهمتي پاليسيءَ جي نالي تي هر شرط قبول ڪري شهر کي مافيائن وٽ گروي رکي ڇڏيو. هاڻ ته بين الاقوامي سطح تي به هنن جي ڏوهن جا داستان پڌرا ٿي رهيا آهن، جڏهن قيادت پاڻ ڏوهن ۾ ملوث هجي ته پوءِ باقي ڪارڪنن کي ڇا ٿو چئي سگهجي. ان جي باوجود به حڪومتي ڌريون انهن تنظيمن لاءِ حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جا دروازا کليل رکي ويٺيون آهن. جڏهن ته هو هاڻ پي پي پي کي صرف ٻهراڙيءَ جي جماعت تسليم ٿا ڪن، شهري علائقن تي پنهنجي قبضي جا بيان ڏيندا رهندا آهن.
لياري جي ٻرندڙ علائقي ۾ قتل عام به لڪل ناهي. ڪڇين جي گهرن تي حملا ، انهن جا قتل، لياري جي بلوچن جي اغوا جون وارداتون، منشيات جو عام استعمال ۽ هٿيارن جي موجودگي ڪابه ڳالهه هاڻي ڳجهي ناهي، لياري ۾ به 10 کان 15 سالن جي ٻار جي هٿ ۾ بندوق ۽ منشيات آساني سان ڏسي سگهجي ٿي. پر جيڪا شئي نظر نٿي اچي، سا مسئلن جي حل لاءِ ڪوشش آهي. لياري گهڻي عرصي کان بحث جو موضوع بڻيل آهي. پر هتي حڪومتي ۽ سياسي ڌرين جي مفادن ۽ منصوبن جو جهيڙو آهي. اهم علائقي تي طاقت ۽ ڪنٽرول جو جهيڙو آهي، هٿ سان علائقي جو امن برباد ڪري اهڙي صورتحال تخليق ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ عام ماڻهو جيئڻ جي سگهه  نٿو ساري سگهي.
 قانون نافذ ڪندڙ ادارا بي خبر ته ناهن، پر اهي به انهن قوتن جو حصو بڻجي چڪا آهن. لياري واسين جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي ادارن جي گاڏين مان نقاب پوش لهن ٿا ۽ تخريب ڪاري ڪن ٿا، عورتن سان اخلاق کان ڪريل ٻولي ڳالهائين ٿا. تشدد، لاقانونيت ۽ خوف جي سهاري تي علائقي کي فتح ڪرڻ لاءِ ٿيندڙ منصوبه ايترا لڪل ناهن، پر حل ڪرڻ لاءِ ڪوشش نٿي ورتي وڃي. لياري جا ڪڇي اهو سمجهن ٿا ته اهو سڀ ڪجهه علائقا خالي ڪرائڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي. لياري جي ماڻهن جي اڳيان نئين نسل جو ڪوبه واضح مستقبل ناهي. منشيات ۽ هٿيارن جي موجودگي ۾ تعليم جو ڪوبه تصور ناهي، هتي زندگي جي ڪابه ضمانت ناهي. سياسي ۽ سماجي ڌرين پاران کڄندڙ قدم ساراهه جوڳا آهن، بلوچن ۽ ڪڇين جا اختلاف ختم ٿي سگهن ٿا،  پر جرائم پيشه گروهه، جن جو ٽارگيٽ صرف خون ريزي، دهشت ۽ مافيائن جي سرپرستي آهي، انهن سان مقابلو ڪير ڪندو؟ ڀته مافيا، قبضه مافيا، ٽرانسپورٽ مافيا، منشيات مافيا، هٿيارن جي اسملنگ ۽ غيرقانوني ڪاروبار جو عروج،  انهن بوتل مان نڪتل ”جنن“ کي قابو ڪير ڪندو؟
جيڪي سياسي ڌريون عام ماڻهن کي هڪ ووٽ کان وڌيڪ اهميت ڏيڻ لاءِ تيار ئي ناهن، اهي منصف ڪيئن ٿينديون؟ لياري جي امن جو سوال آسان نٿو لڳي، هتي سڀ کان وڏو سوال ڏوهن جي سرپرستي ڪندڙ ڌرين جا مفاد آهن. عام ماڻهو صرف امن ٿو چاهي، پر سياسي ڌريون مفادن جي راند ڪنديون آهن. هو پاڻ لاءِ جن به شرطن تي ٺاهه ڪنديون، اهي شايد عوامي مفادن جي ڀيٽ ۾ سندن سياسي مفادن کي وڌيڪ فائدو رسائيندڙ هوندا. خراب ٿيندڙ حالتون ڪنهن چڱي اتحاد طرف نه پر ڪنهن وڏي ورهاڱي طرف وينديون ٿيون نظر اچن. سنڌ جي امن جي خراب صورتحال جون فڪرمند سڏائيندڙ ڌريون ان مسئلي کي چڱيءَ طرح سمجهي سگهن ٿيون. هن وقت سنڌ جي سالميت، بقا ۽ شهرن جي امن دشمنن کي سڃاڻن ۾ آهي. ڏوهارين جي ڪامياب منصوبه بندي جي باوجود به حڪومت پاران سنجيدگي ۽ عوامي مفادن کي نظر ۾ رکي کڄندڙ قدم پنهنجي طرف آڻي سگهن ٿا. پر دشمن کي دشمن چوڻ جي سگهه ۽ ڏوهاري کي ڏوهاري مڃڻ جي ضرورت آهي.
haseenamusarat@yahoo.com
The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪه:حسين مسرت
حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت اڳتي پڙهو →

0 تبصرا: