Ad 468 X 60

Thursday, November 24, 2016

ٻهراڙيءَ جي عورت جي جيءَ ۾ جهاتي

جنهن بن ڪانه سري اي سرتي!
جيءَ جيءَ تي جنهن جو جادو

”ڇا لکي ساجن؟
اون هون، اون هون
اي لکي سنڌو.“
شيخ اياز جون پروليون پڙهي دل چوي ٿي ته پرولي ان جي نانءُ ڪجي، جيڪا ’اسم ذات‘ جيان، نالو ۽ صفت رکي ٿي، پر نظر نه ٿي اچي هو وجود به رکي ٿي، پر موجودگيءَ جي مڃتا کان محروم ئي ٿي رهي.
هن جو اس ۾ سڙڻ ٻين لاءِ ڇانورو بڻجي ٿو...!
هن جي بک ٻين لاءِ ڍؤ ٿي بڻجي....!
هن جو موت ٻين کي زندگي
ٿو بخشي....
هن جو قيد ٻين لاءِ آجپو آهي.
هن جون ڀوڳنائون ٻين جون حاصلات آهن....!
ڳالهه سماجي اڳواڻ يا ڪنهن سياسي ليڊر جي نه پئي ڪئي وڃي. ڳالهه آهي، ان هستيءَ جي جيڪا سماج جي سيني ۾ دل بڻجي ڌڙڪي ٿي، جيڪا سماج جي رڳن ۾ رت جيان ڊوڙي ٿي، جيڪا سماج کي سڌو ڪري بيهارڻ ۾ پٺ جي ڪنڊي جيان اهم آهي. ها ڳالهه ان هارياڻيءَ جي پيا ڪريون، جيڪا زمين ۾ خواب پوکي ٿي ۽ اوجاڳا لڻي ٿي. هوءَ غريب هارياڻي رونبي کان وٺي ڪٽائي تائين هر مرحلي ۾ پنهنجو رت ست ڏي ٿي. رونبي، گُڏ، دڙاتي، چونڊائي ۽ ڪٽائي دوران هن جا هٿ، هٿ نه پر گهيڙا ۽ رنبا بڻجي ٿا وڃن، هن کي سڄي ڏينهن جي پورهيي جي صلي ۾ راهڪي جي نالي تي چند داڻا اَن جا پيٽ ڀرڻ لاءِ مس ٿا ملن. اقوام متحده جي هڪ رپورٽ مطابق اسان جي غذائي جنسن جي پوکائيءَ ۾ 60 سيڪڙو حصو غريب هاري عورتن جو آهي. سماج ۾ ان غريب هاري عورت جو ڪم مڃتا نٿو ماڻي، ڇو ته جتي عورت جو عورت هجڻ ئي هڪ جرم هجي، اُتي غريب هارياڻي کي مڃتا ڪير ڏيندو؟ پر هي چند سٽون ان مڃتا جي نانءُ آهن، جيڪا 15 آڪٽوبر 2010ع تي اسلام آباد ۾، ٻهراڙيءَ جي عورت کي ڏني ويئي هئي، 15 آڪٽوبر اقوام متحده پاران ٻهراڙيءَ جي عورتن جو عالمي ڏينهن طور ملهايو ويندو آهي. پاڪستان جي سماجي تنظيمن پاران سالانا ڪانفرنس 15 آڪٽوبر 2010ع تي اسلام آباد ۾ منعقد ڪئي ويئي، جنهن ۾ سڄي پاڪستان مان عورتن کي گهرايو ويو هو ته هو PODA جي پليٽ فارم تان پنهنجا مسئلا ٻڌائين ۽ انهن مسئلن جو سندن نظر ۾ جيڪو حل هجي اهو به شيئر ڪن.
سڄي پاڪستان جي رنگا رنگ ثقافت جو مجموعو بڻجندڙ ٻن ڏينهن جي ڪانفرنس جي سڄي سونهن عورتن جي ذهني سجاڳيءَ ۾ هئي. جن عورتن ڪڏهن هڪ گهر کان ٻئي گهر تائين اڪيلي قدم نه کنيو هو، اُهي عورتون دعوت نامي تي ملڪ جي هر صوبي مان گروپ ٺاهي پهتيون. هنن جيڪي مشورا ڏنا، اهي ڪن پڙهيل لکيل دانشورن ۽ اقتصاديات جي ماهرن کان گهٽ نه هئا.
درد استاد آهي، پيڙائون ۽ ڀوڳنائون تربيت ڪندڙ هجن ٿيون. هر انسان وقت جي بٺيءَ ۾ سڙي ڪندن بڻجي ٿو. ڀوڳنائن جعطا ڪيل شعور ڪنهن تعليمي اداري جو محتاج نه آهي، جيڪا عورت سج جي ساڙيندڙ ڪرڻن کي منهن ڏيئي ٿي، اها يقينن اهو چاهيندي ته سندس ڌيءَ اهو ڏينهن نه ڏسي. هوءَ ضرور ڪنهن نه ڪنهن چانورن جو بندوبست ڪندي؟ ساڳي طرح جن غريب هاري عورتن، غربت ۽ محنت جا ڏينهن گذارڻ جي دوران وري تباهه ڪن ٻوڏ جا ستم سٺا آهن، انهن جو شعور سڄاڻ ڌرين کي به شرمائي ٿو. اڄ خيبر پختونخواهه جي ٻهراڙيءَ جي عورت اهو سوال ٿي پڇي ته سياستدانن وڙهي بحث ڪري صوبي جو نالو مٽائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن، پر ٻڌايو ته ان سان خيبر پختونخواهه جي عورت جي سماجي ۽ معاشرتي ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ گلگت، بلتستان جي عورت، جيڪا ڪنهن به زرعي يونيورسٽي جي طالب علم نه رهي آهي، پر اها چوي ٿي ته گلگت، بلتستان ۽ اسڪردو ۾ پوکجندڙ فروٽ اتي جي فروٽن کان وڌيڪ آهي، ان کي ايڪسپورٽ ڪيو وڃي ۽ ماڻهن کي Food Preservation جي تربيت ڏني وڃي. گلگت بلتستان ۾ پٽاٽن جي پيداوار سٺي ٿي ٿئي، ان ڪري اتي پٽاٽا ۽ چپس ٺاهڻ جا ڪارخانا لڳايا وڃن. اها خواهش به خيبر پختونخواهه جي عورتن جي هئي ته هنن کي امداد ڏيئي فقير نه بنايو وڃي، پر روزگار جا ذريعي ۽ موقعا فراهم ڪيا وڃن.
بلوچستان جي پسمانده علائقن جون عورتون به اهو ڄاڻن ٿيون ته نفسياتي مسئلن جو هجڻ بيمارين کي جنم ٿو ڏيئي. ٻارن جي گهڻائي عورتن جي صحت جي تباهي آهي، ان ڪري هنن جي خواهش هئي ته حڪومت عورتن جي صحت لاءِ سنجيده قدم کڻي.
ٻهراڙيءَ جي جفاڪش عورت، پنهنجي وس کان وڌيڪ محنت ڪري ٿي، ٻنين ۾ پنهنجي همت محنت ۽ پورهيي جا جهنڊا اڀا ڪرڻ بعد به هوءَ گهر ۾ چپ ڪري نٿي ويهي. ٻهراڙيءَ جي عورت ’آرام‘ جي لفظ کان واقف ئي نه آهي. هن جي واندڪائيءَ جي وندر به پورهيو آهي، هو پنهنجي سوچ جي نفاست ۽ روح جا رنگ ڪپڙي تي مشتمل ٿي ڪري بنا ڪنهن آرٽ جي اسڪول ۾ تربيت وٺڻ جي هو عقل کي حيران ڪندڙ شاهه پاران تخليق ٿي ڪري، اهو ڀرٿ هجي، رلين جو ڪم هجي، ڪروش جي ڪاريگري هجي، دٻڪيون، وچڻيون ۽ تڏا ٺاهڻ جو فن هجي، هوءَ هر ميدان جي کٽڻهار آهي. هن جي اندر جو حسن، جنهن ويل انڊلٺي رنگن جو ويس ڍڪي، رلين، گجن، گُلن جو روپ ڌارڻ ڪري سامهون اچي ٿو ته دنيا لاءِ ان جو ملهه ڪٽڻ ڪٺن ٿي ٿو وڃي. صرف هوءَ غريب عورت ان ملهه کان واقف ٿئي ٿي، ان ڪري ئي بلوچستان جون عورتون چون ٿيون ته عورتن جي هٿ جي هنرن جي مارڪيٽنگ ڪئي وڃي. حڪومت جي سرپرستي انهن هنرن کي دنيا ۾ مشهور ڪري سگهي ٿي. بلوچستان جون عورتون اهو ڄاڻن ٿيون ته پسمانده علائقن ۾ گهريلو صنعت جو فروغ، عورتن جي سماجي ۽ معاشي صورتحال کي تبديل ڪندڙ ثابت ٿيندو. پنهنجي تڪليفن کي ساهه سان سانڍيندڙ عورت، ٻچن ٻارن لاءِ ڏينهن رات پاڻ پتوڙيندڙ، پاڻ ڌڪا کائي پنهنجن ٻارن لاءِ رستا آسان ڪندڙ، ڦٽين چونڊڻ ويل، رئي جي هڪ پلئه ۾، پورهيي جا گل رکندڙ ۽ ٻئي پلئه ۾ پنهنجي ٻار کي لڪائيندڙ، لاباري محل ٻار کي پٺيءَ سان ٻڌندڙ عورت گهر جي پالتو جانورن کي به پنهنجي گهر ڀاتيءَ جيان مان ڏيندڙ هجي ٿي. مينهن هجي، ڍڳي هجي، ٻڪري هجي، هن کي کارائڻ، پيارڻ، وهنجارڻ، گهمائڻ هر ڳالهه ڄڻ ته هن جي زندگيءَ سان وابسته هجي ٿي. گهر جي فرد وانگيان هن کي جانورن جي ضرورتن جي به پروڙ هجي ٿي. کارائڻ، پيارڻ کان علاوه هن جي آرام جو خيال رکڻ به ڄڻ ته هن جي ذميواري هجي ٿي. انهن سڀني ڳالهين جي باوجود هوءَ مالڪيءَ جي حق کان محروم آهي. هوءَ مينهن ڍڳيءَ جو کير ڏهي سگهي ٿي، وڪڻي سگهي ٿي، صبح جانورن کي چارو ڏيئي، کير ڏهي وري بار مٿي تي کڻي ڳوٺ کان ٻاهر يا اندر وڪڻڻ وڃي سگهي ٿي، پر ان آمدنيءَ تي اختيار کان محروم آهي. پنجاب جي عورت ان منفي اڻ برابري واري رويي خلاف آواز بلند ڪيو آهي. پنجاب جي عورت مالڪي وٺڻ واري رستي تي پهريون قدم کنيو آهي. هو ان ڀوڳنا جي سفر کي مختصر ڪرڻ جي اڇا رکي ٿي. هن اعلان ڪيو ته گهر جا مال مويشي، ڍور عورت جي نالي ڪيا وڃن، انهن جي مالڪي عورت کي ڏني وڃي ۽ جتي ضرور محسوس ٿئي، سرڪار گهريلو جانورن جي پرورش لاءِ عورتن کي جديد معلومات ۽ تربيت فراهم ڪري، زماني جا سرد و گرم حالات برداشت ڪري، ڏکن ڏاکڙن جون منزلون اڪري، سماج جا ستم سهي، پنجاب جي عورت جو شعور اها گواهي ٿو ڏي ته انتظامي ادارن ۾ عورتن جي غير موجودگي مسئلن کي وڌائيندڙ هجي ٿي. بي قرار ٿي، هُن اهو نعرو هنيو آهي ته حڪومت جي هر انتظامي ادارن ۾ ۽ ٻوڏ جي تباهه ڪارين کان پوءِ قائم، ٿيندڙ بحاليءَ جي ادارن ۾ عورتن کي مردن جي برابر شريڪ ڪيو وڃي.
صدين جي پيڙا ڀوڳيندڙ عورت جو شعور صبح جي روشن اڀرندڙ سج جيان شفاف ۽ اجرو آهي، جيڪو سماج تي ڇانيل تعصب جي ڪاراڻ کي ڪٽڻ جي جاکوڙ ٿو ڪري ۽ انهن راهن جي نشاندهي ڪندڙ ثابت ٿيندو، جيڪي غربت ۽ بدحالي جي خاتمي طرف وڃن ٿيون. غربت ۽ بدحاليءَ جو خاتمو تڏهن ممڪن آهي، جڏهن ان جي پاڙن کي ختم ڪيو وڃي ۽ ان غربت جون پاڙون سماج جي منفي اڻ برابريءَ واري رويي ۾ موجود آهي. نفرتن جو خاتمو غربت جو خاتمو ثابت ٿي سگهي ٿو.
پشپا ولڀ جون سٽون آهن ته:
آئون ئي لڪشمي، آئون ئي سرسوتي
>آئون ئي ورکا آهيان
جي سچ پڇو ته
ڏاڍ جي ڀوت کي ناش ڪندڙ
آئون ئي ڪالي آهيان
ٻاهر ته ڄڻ
راهه جي ڌوڙ آهيان
رات جي ڪاري چادر
۽ ڏينهن جو چلهه ۽ چوڪو آهيان!
آئون اڇن ڪپڙن ۽ پٽڪي واري
بوٽ، ڪوٽل پاتل
ماڻهوءَ جي پويان
>ٻانڌڻي پڙي ۾
کهنڀي اوڍيلپيرن اڀراڻي
ويندڙ ڪولهڻ آهيان!
ها اها ئي پراچين سمي کان مرد جي پويان پيرن اگهاڙي ڊوڙندڙ ڀڄندڙ ڪولهڻ، جنهن ويل اسٽيج تي بيهي مائيڪ تي ڳالهائي ٿي ته، چوي ٿي ته، سڄي پاڪستان جي عورتن لاءِ ڪيٽل فارم ٺاهيا وڃن ۽ بنا پارٽي ۽ منصب جي تفريق جي سڀني کي هڪجهڙا موقعا ڏنا وڃن، ڳوٺن ۾ ڪليڪٽو ايگريڪلچر فارم ٺاهيا وڃن ۽ مالڪاڻا حق عورتن کي ڏنا وڃن. صدين کان پيڙائن جو سفر ڪندڙ سنڌي عورت کي جنهن مهل پنهنجي ڏکن جو ادراڪ ٿئي ٿو ته هن جا حواس گواهي ٿا ڏين ته هوءَ اهڙيءَ سلوڪ جي مستحق نه آهي ته پوءِ ذهني سجاڳيءَ جا در ائين کُلن ٿا جو سماج به ڪجهه تبديليءَ بابت سوچڻ تي مجبور ٿي ٿو وڃي. عورتون به پنهنجا ڏک دنيا جي آڏو ٻڌائين ٿيون، جن کي ٻوڏ جي هاڃن سان گڏوگڏ تعصب جي روين کي به منهن ڏيڻو پيو. ذات پات جي ڄار ۾ ڦاٿل سماج انهن کي مڪليءَ جي قبرستان ۾ به پناهه وٺڻ نه ڏني ۽ رليف جي شين کان انهن کي محروم رکيو ويو.
اڄ جي سنڌي عورت هر ضلعي ۾ هڪ مثالي شهر اڏڻ جي خواهش رکي ٿي، هوءَ حڪومت کان مطالبو ٿي ڪري ته اهڙو شهر هجي، جتي بهترين جديد تعليمي سهولتن سان ڀرپور اسڪول هجي. هڪ مثالي جديد اسپتال هجي، جنهن ۾ عورتن جي گائني جي مسئلن ۽ نفسياتي مسئلن کي حل ڪيو وڃي، عورتن جو مناسب علاج ۽ انهن کي صحت ۽ تندرستيءَ بابت مناسب مشورا ڏنا وڃن، لاتعداد ننڍيون ننڍيون، وڏيون وڏيون معنائون رکندڙ خواهشون آهن، جيڪي مضبوط پس منظر رکن ٿيون، ڪابه خواهش، ڪو بي ربط سوچن تي مشتمل خواب نه آهي. ڏکن تڪليفن، پيڙائن عورتن کي سيکاريو آهي، هن جي تربيت ڪئي آهي. هن جي امتحان گاهه به سماج آهي، تربيت گاهه به سماج آهي ۽ وري هوءَ ان سماج جي بهتري لاءِ قدم کڻڻ جي سوچ به رکي ٿي. مڃتا ماڻڻ جي رستي تي قدم رکندڙ جفاڪش ٻهراڙيءَ جي عورت جي سجاڳيءَ زماني جي هر چئلينج کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن جي خواهش ۽ سوچن کي سماج ۾ رائج ٿيڻ کان ڪوبه روڪي نٿو سگهي. صرف سماجي شعور جا اها دروا ڪرڻ جي ضرورت آهي، جن تي صنفي اڻ برابريءَ جا تالا لڳل آهن، جيڪي هر مثبت سوچ کي اندر داخل ٿيڻ نٿا ڏين. ’سامي‘ شايد انهن لاءِ ئي چيو آهي ته:
پٿر پوڄا ڪن، رام نه ڏسن روح ۾
پنڊت ڄاڻي پاڻ کي، ڪرمن منجهه پچن
>جهاتي پائي گهر ۾، سامي ڪين ڏس
>چريا سي چئجن، جن مرهم نه رکيو من جو.

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪه:حسين مسرت
حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت اڳتي پڙهو →

0 تبصرا: