Ad 468 X 60

Thursday, November 24, 2016

سنڌ ۾ عورت جي سماجي ۽ معاشي حيثيت

”سماج ۾ عورت  جي حالتڪنهن به معاشرتي نظام ۽ رياستي ڪردار جو سڀ کان واضح ۽ ٺوس اظاهر هوندو آهي.“ ليونٽراٽسڪي جا 1920ع ۾ چيل لفظ اڄ به ساڳي سچائي رکن ٿا. سماج جي پرک لاءِ عورت جيحالت ۽ حيثيت کي آئينو بڻائي سگهجي ٿو، پر سماج کي سمجهڻ لاءِ سماجي نظام کي به سمجهڻ جي
 ضرورت محسوس ٿئي ٿي. سماج جي بيهڪ ۽ سماج جي بنيادي جوڙجڪ ۾ موجود مختلف عملنکي سمجهڻ کان سواءِ عورت جي حيثيت واضح نه ٿي سگهندي. سماج ۽ رياست  به هڪ ٻئي سان سلهاڙيل هجن ٿا. رياستي ڍانچوسماج جي پيداوار آهي. اينگلس جي مطابق رياست اُها طاقت آهي، جيڪا سماج مان پيداٿئي ٿي، پر پاڻ کي سماج کان مٿڀرو ٿي سمجهي. طبقاتي رياست پنهنجي ادارن جي ذريعيسماج ۾ طبقاتي فرق کي، مصلحت جي نالي ۾ دوام بخشي ٿي.
برطانوي مفڪر جان اسٽورٽ جي مطابق ته سماج ۾ رهندڙ هر فرد حقنسان گڏ فرض به رکي ٿو، فرضن جو تعلق پنهنجي ذات سان گڏوگڏ ٻين سان به هجي ٿو. فردنجي ڪنهن به عمل سان ڪنهن کي نقصان پهچي ته اهو رياست ۽ قانون جو مسئلو بڻجي ٿو، ڇوته جديد رياست قانوني نقطه نگاهه کان (سماجي معاشي نقطه نگاهه کان نه) ئي صحيح پرسمورن شهرين جا برابر حق تسليم ڪري ٿي. رياست ۽ سماجي جوڙجڪ جي سموري ڍانچي ۾،اسان کي اهو ڏسڻو پوندو ته عورت جي فرد جي حيثيت سان ڪهڙي حيثيت آهي، اسان جيسماجي ڍانچي عورت جا ڪهڙا فرض مقرر ڪيا آهن؟ ۽ هن کي ڪهڙا حق حاصل آهن؟
طبقاتي سماج ۽ عورت
مارڪس جي نظريي مطابق عورتن تي ٿيندڙ ظلم جو سبب سماج جيطبقاتي ورهاست آهي. طبقاتي سماج جو سڄو نظام ان جون ريتون ۽ رسمون ۽ ان جا نظرياعورت جي فرد جي حيثيت جي نفي ڪندڙ هجن ٿا. طبقاتي سماج مرد ۽ عورت جي حيثيت ۾ فرقپيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. اسان جو طبقاتي سماجي نظام، پدر شاهي ڍانچي جيزير اثر پروان چڙهندڙ آهي، اهو پدر شاهي نظام جيڪو عورت جي فرد جي حيثيت جي نفي ٿوڪري، عورت جو استحصال هن پدرشاهي نظام لاءِ قوت ۽ طاقت آهي، جنهن جي بنياد تي عورتجو استحصال پدر شاهي سماج ۾ ٿيندو آهي.
طبقاتي سماج جي تقسيم تمام پراڻي آهي، اها تقسيم هزارين سالآڳاٽي آهي. جڏهن مادري سماج جو خاتمو ٿيو ۽ زرعي انقلاب آيو ته عورت جي حيثيت ۾گهٽتائي اچي ويئي، جڏهن پيدوار مرد جي هٿ ۾ آئي ته عورت ملڪيت جي حيثيت اختيار ڪريويئي. فريڊرڪ اينگلس جو چوڻ آهي ته، ”سماجي پيداوار جي دائري مان الڳ ڪرڻ کان پوءِزال گهر جي پهرين نوڪرياڻي ٿي.“ عورت جي آزادي سلب ٿي ۽ سندس گهريلو ڪمن جي اهميتختم ٿيندي ويئي، ڇو ته گهريلو ڪم پيداوار جو ذريعو نٿا ٿين. ان پدرشاهي سماجيڍانچي سان جهيڙيندي عورت کي صديون گذري ويون آهن. پدرشاهي سماجي ڍانچي ۾ عورت جواستحصال جنس جي بنياد تي ٿئي ٿو. قديم دستور کان جديد دستور تائين جيتوڻيڪ گهڻيونتبديليون اچي چڪيون آهن. رياست به جديد ٿي آهي ته رياستي نظام به تبديل ٿي چڪوآهي، پر ڏٺو وڃي ته رياست ۽ سماج تي پدرشاهي قدرن جي حڪمراني آهي. فرد جي حيثيتسان عورت جي حقن جي نفي ۽ سندس سماجي ۽ معاشي حيثيت جو استحصال اڄ به جاري آهي.عورت جي استحصال جي اهم ڪارڻن تي غور ڪجي ته خبر پوي ٿي ته، پدر شاهي سماج کي هٿيڏيندڙ ادارائي جنس جي بنياد تي استحصال ڪندڙ آهن.
جيڪڏهن ماضيءَ جي مختلف دورن تي نظر وجهجي ته خبر پوندي تههزارين سال پهرين، اسان کي عورت ديوي جي درجي تي نظر اچي ٿي، سماجي ارتقا جي اُندور ۾ پيداوار جا ذريعا عورت جي هٿ ۾ هئا. ٻنين تي ڪم ڪرڻ، اولاد پيدا ڪرڻ، خوراڪجو بندوبست ڪرڻ عورت جي وس ۾ هو ۽ مالڪ به عورت هئي. مرد جڏهن زراعت تي قابض ٿيوته عورت جي حيثيت مالڪ مان ڦري محڪوم واري بڻجي ويئي. ان کان پهرين اولاد عورت جوليکيو ويندو هو ۽ هوءَ مرد جي انتخاب ۾ به آزاد هئي، پر پوءِ عورت اولاد جي مالڪنه رهي، اولاد جو مالڪ مرد بڻجي ويو، مرد عورت جي پيداواري صلاحيت تي به قابض بڻجيويو. اها پدر شاهي سماج جي شروعات هئي، مالڪيت واري سوچ آهستي آهستي هر شيءِ تي غالبپئجي ويئي. پدر شاهي سماج ۾ مرد هر اختيار پنهنجي هٿ ۾ رکندو ويو، هن عورت جواستحصال جنس جي بنياد تي ڪيو ۽ پيداواري ذريعن تي قابض ٿي عورت کي ان عمل مان خارجڪري صرف ۽ صرف گهر ۾ محدود ڪندو ويو، عورت جي زندگيءَ جو مقصد صرف مرد کي خوش ڪرڻ۽ انجي آرام آسائش جو خيال رکڻ بنجي ويو.
پدرشاهي نظام، سماج جي هر اداري تي حڪومت ڪرڻ لڳو، جنهن جوبنياد عورت جي جنسي استحصال تي رکيو ويو. تحقيق جي نظر سان ڇنڊڇاڻ ڪجي ته خبرپوندي ته ڪهڙن طريقن سان عورت جو استحصال ٿي رهيو آهي.
عورت ۽ خاندان
هڪ عورت جي زندگي ۾ گهر ۽ خانداني مرڪز جي حيثيت رکندا آهن۽ عورت تي جبر ۽  استحصال جي شروعات به گهرمان ئي ٿيندي آهي.
سنڌي سماج ۾ مشهور آهي ته عورت جي ڪارڻ سان گهڻا جهيڙا ختمٿي ويندا آهن، ڪا عورت گهر ۾ هلي اچي ته ان کي مان ڏنو ويندو آهي، پر حقيقت ۾ اهاعزت سماجي رشتن جي هجي ٿي هڪ فرد جي حيثيت سان عورت جو وجود ڪا معنيٰ نٿو رکي. گهرسان وابسته هر رشتو هن جي سماجي سڃاڻپ جو ڪارڻ بڻجي ٿو. فلاڻي جي ڌيءَ، فلاڻي جيڀيڻ، فلاڻي جي زال ۽ آخر ۾ فلاڻي جي ماءُ، انهن رشتن جي دائرن کان باهر نه عورت جيذاتي شخصيت جي مڃتا آهي نه سندس حيثيت آهي، نه ئي وري ذاتي سماجي سڃاڻپ هجي ٿي،عورت جي احترام ۾ ئي استحصال لڪل هجي ٿو، جيستائين عورت پنهنجي ذات جي نفي ڪريپنهنجي گهر خاندان جي فردن جي خدمت ۾ مصروف رهي، انهن جي آرام ۽ آسائش جو خيال رکيٿي تيستائين اُها عزت جي قابل رهي ٿي، پر اها عارضي عزت ان کي پنهنجي پورهئي جيعيوض ملي ٿي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته عورت تي جبر سان گڏوگڏ ان جي پورهئي جو به استحصالڪيو ويو. خاندان ۾ عورت جي جسماني حيثيت ان وکر وانگر آهي، جنهن کي مرد پنهنجيتحفظ لاءِ استعمال ڪري ٿو. طبقاتي سماج جو اهم مثال جاگيرداراڻو سماج آهي، جنهن ۾صرف سردار ڪيترن ئي زندگين جو مالڪ بڻجي ويٺو هوندو آهي، علائقائي سطح تي ٿيندڙمسئلا اڪثر عورتن جي ڏي وٺ تي حل ڪيا ويندا آهن، خونن جي معافي جي بدلي ۾ سڱ چٽيطور عورت ڏني ويندي آهي ۽ ادلي بدلي جي شادي، ننڍي عمر جي شادي به ان ئي سماج جونرسمون آهن. جاگيرداري نظام مطابق عورت جو قتل ڏوهه نه آهي، جيڪڏهن مرد عورت کيڪاري ڪري ماري ته اهو ڏوهه نه پر حق آهي. خاندان ۽ گهر ۾ اهو مرد سوڀارو سمجهيوويندو آهي. خاندان جو ادارو بيواهه ٿيندڙ عورت کي به ڪا سماجي عزت نه ڏيندو آهي.بيواهه عورتون گهر جي هڪ ڪنڊ ۾ تنهائيءَ جي زندگي گذارينديون آهن. بيواهه عورتڪنهن به خوشيءَ جي محفل ۾ شريڪ نه ٿي سگهندي آهي، نه وري ان کي سٺو لباس ۽ زيورپائڻ جي اجازت هوندي آهي، عورت جي هار سنگار ۽ ٺاهه جوڙ کي مرد جي ذات سان وابستهڪيو ويندو آهي، ان ڪري سنڌي سماج ۾ بيواهه عورت جيئري ئي مُردن جيان زندگي گذارڻتي مجبور هوندي آهي. عورت جيڪڏهن ڀيڻ آهي ته ڀاءُ جي بدلي ۾ زبردستي پرڻائي وڃيٿي. ڌيءَ آهي ته زبردستي چپ چاپ مائٽن جي مرضي مٿان قربان ٿي وڃي ٿي. پيءُ کياختيار آهي ته هو پنهنجي ننڍي نيٽي ڌيءَ جي شادي پنهنجي ذاتي مفاد خاطر ڪنهن بهوڏي عمر جي مرد سان ڪرائي سگهي ٿو. جڏهن ته ڇوڪريءَ کي پنهنجي شاديءَ جي باري ۾ڳالهائڻ جو ڪوبه حق نه ڏنو ويندو آهي. پيءُ ۽ ڀاءُ کي اختيار هوندو آهي ته هوپنهنجي ڌيءَ ۽ ڀيڻ جي سنڱ ڏيڻ لاءِ ڪيتري به قيمت مقرر ڪن، جتي وڻين اُتي فروختڪري ڇڏين. انساني ڪاروبار قانوننً غلط به هجي پر اهو ڏوهه جيڪو پنهنجن هٿان ٿئيٿو، اهو ڏوهه نه پر حق سمجهيو وڃي ٿو. ڪڏهن به ائين نه ٿيندو آهي ته ڌيءَ جي شاديلاءِ پٽ کي مجبوراً بدلي ۾ شادي ڪرائي وڃي، هميشه ڀيڻ کي ڀاءُ جي خوشين لاءِ قربانڪيو ويندو آهي. ڏٺو وڃي ته معاشي عمل ۾ شريڪ عورتن جي سماجي حيثيت گهر ۾ ساڳي ٿيرهي، تعليم يافته عورت به پنهنجي گهر جي مردن جي اڳيان پنهنجا فيصلا ٻڌائڻ جي مجازنه ٿي رهي. معاشي عمل مرد جي سماجي رتبي ۾ اضافو آڻي ٿو، پر عورت کي ان کان محرومرکيو ويندو آهي.
جڏهن پورهئي جي جنسي تقسيم ڪئي ويئي ته عورت جي پورهئي جياهميت ۽ قدر کي گهٽايو ويو. گهڻي محنت ۽ گهٽ اجرت وارا ڪم عورت جي حصي ۾ آيا. گهرجو مرد گهر جي سربراهه طور حڪمران جي حيثيت رکي ٿو، هو صرف هڪ ڪم ڪري ٿو، جڏهن تهعورت جي ڪم جو نه وقت مقرر آهي نه وري اجورو مقرر آهي.
ٻارن جي پرورش، گهر جا مختلف ڪم ڪرڻ جو هن کي اجورو نهملندو آهي. اهي ڪم هن جي ذميوارين ۾ شامل ڪيل آهن. ان طريقي سان عورت جي پورهئي جيقيمت به گهٽائي ويئي ۽ عورت جي پنهنجي ذات جي نفي به ڪئي ويئي. گهر جي اداري کيٺاهڻ واري هلائڻ واري عورت ئي هجي ٿي پر گهر مرد جي ملڪيت هوندو آهي، ان کي صاف رکڻسنوارڻ عورت جو فرض هوندو آهي. مرد جو تشدد ۽ جبر معمول جو حصو آهي، ان کي ڏوههتسليم نه ٿو ڪيو وڃي، هر قتل هڪ رسم آهي ۽ هر ڏوهه رواج ۾ شامل سمجهيو ٿو وڃي، انپدر شاهي سماج جا نظريا عورت جي جنسي استحصال کي هٿي ڏيندڙ هجن ٿا.
عورت جو سماجي استحصال
اينگلز جي مطابق، ”پيداواري اوزارن جي ايجاد سان اهڙوطبقاتي سماج وجود ۾ آيو، جنهن ۾ عورت جي معاشياتي اهميت گهٽ ٿيندي وئي، جڏهنطبقاتي سماج پورهئي جي تقسيم ڪئي ته اهي ڪم جيڪي مرد پاران سرانجام ڏنا ويندا هئا،اهي محترم ۽ مٿانهان سمجهيا ويا ۽ عورت سان لاڳاپيل پورهئي کي اوتري اهميت نه ڏنيويئي، تاريخ تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿيندو، ته تاريخ ۾ به انهن عورتن جو ذڪر ملندو،جن اهڙا ڪم ڪيا، جيڪي مردن لاءِ مخصوص سمجهيا ويندا آهن. تاريخ ۾ حڪمران عورتن جوذڪر ملي ٿو، قلوپطره، رضيه سلطانه، جهانسي جي راڻي، بادشاهن جون ڀينرون، بادشاهنجون زالون، بادشاهن جون مائرون ته تاريخ ۾ موجود آهن، پر اهي مردن جي حوالي ۽سڃاڻپ سان موجود آهن، انهن جي ذاتي محنت کي مڃتا نه ڏني ويئي آهي.
لرنر مطابق، ”جڏهن به عورتون گهڻي تعداد ۾ ڪنهن پيشي سانمنسلڪ ٿيون ته ان پيشي کي ڪم تر سمجهيو وڃڻ لڳو ۽ انهن جو اجورو به گهٽجندو ويو.“
لرنر اهو به لکيو آهي، ته عورتن جي پورهئي جي اها تفريق نهصرف هنرمنديءَ ۾ پر تخليقي ۽ شعوري قابليت وارن ڪمن ۾ به رکي ويئي، تخليقي ڪمن جواجورو گهٽ مقرر ڪيو ويو. تاريخ تي نظر وجهڻ سان محسوس ٿيندو ته عورت جنگين ۾ تمامگهڻو متاٿر ٿيندي آهي، جنگي ۽ قبائلي جهيڙا عورت جي سڄي سماجي ۽ معاشي زندگي بربادڪندڙ هجن ٿا، پنهنجي جياپي لاءِ جدوجهد ڪندڙ عورت تاريخ ۾ گم ڪئي ويندي آهي، ٻئيجنگ عظيم ۾ تباهه ٿيندڙ عورت جي حالت ڪنهن کان لڪل ناهي، مردن جيان ذميواريونسنڀاليندڙ عورت ميدانِ جنگ ۽ ٻاهر زندگي جي ميدان ۾ تمام گهڻي مشقت وارن مرحلن مانگذري جنگ دوران گهر جون ذميواريون سنڀالڻ کان وٺي جنگ وڙهندڙن جي خاندان جي ڪفالتتائين عورت هر مرحلي تي سخت محنت ڪئي پر تاريخ جي فاتحن ۾ سندس نالو شامل نه ڪيوويو. طبقاتي سماج ۾ عورت سان ٿيندڙ زيادتين جو ڪو شمار ئي ڪونهي. طبقاتي سماج ۾حاڪميت جا دائرا تمام وسيع آهن. عورت کي مخصوص نطام اندر قيد ڪرڻ، ان جي سماجي ۽معاشي حيثيت کي گهٽائڻ وارو عمل صدين کان جاري رهندو اچي، ٻنين ۾ ڪم ڪرڻ، اَنُ پيهڻ،چرخو هلائي ڪپهه مان ڌاڳا ٺاهڻ کان وٺي تعميرات جي سخت ڪمن ۾ عورت حصو موجود آهي،سخت جسماني مشقت جا اهي ڪم جيڪي عورتن ڪيا، ان پورهيي جو اجورو گهٽ مقرر ڪيو ويو،ساڳيو ڪم مرد پاران انجام ڏيڻ تي اجورو وڌيڪ مقرر ڪيل هوندو هو. پورهيي جي استحصالبه عورت جي معاشي حيثيت کي گهٽائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سماج ۾ انهي پورهئي ڪم کيتر سمجهيو ويندو آهي، جيڪو عورت جي جنس سان وابسته هجي.
پروفيسر عرفان حبيب پنهنجي مضمون، ”قرونِ وسطيٰ ڪي صنعتيتاريخ ڪي تلاش“  ۾ لکي ٿو ته، ”علاؤالدينخلجي (1316ع-1296ع) جي دور ۾ قيمتن جي ضابطي مطابق، ڪارڪن مرد غلامن جي قيمت ڏههکان پندرهن ٽڪا ۽ ڪارڪن عورت غلامن جي قيمت صرف پنج کان ٻارنهن ٽڪا تائين هئي.“
عورت جي پورهئي جي استحصال سان استعمال ٿيندڙ شين جي قيمتن۾ گهٽتائي نٿي ٿئي، ڏٺو وڃي ته زندگيءَ جي هر شعبي ۾ عورتون معاشي عمل ۾ شامل آهن،پر انهن کي مردن جي برابر سماجي مڃتا نه ٿي ملي، گهر ۾ ڪمائيندڙ مرد کي جيترياهميت ۽ عزت ڏني ويندي آهي، عورت کي اوتري نه ملندي آهي.
پدر شاهي سماج جي باري ۾ اينگلز لکي ٿو ته، ”سماج ۾ پيداوارجي قدر ۽ مردن جي ان تي اجاراداريءَ مرد ۽عورت جي تعلق کي تبديل ڪيو، ذاتي ملڪيتعورت کي برابر ساٿيءَ جي حيثيت مان ڦيرائي زيردست زال بڻائي ڇڏيو، طبقاتي استحصال۽ جنسي خواهشن گڏجي صاحبِ ملڪيت ماڻهن جي طاقت ۾ اضافو ڪيو.“
سماج ۾ خاندان جي ارتقا عورت جي استحصال سان شروع ٿئي ٿي.ڊاڪٽر مبارڪ پنهنجي ڪتاب تاريخ ۽ عورت ۾ لکي ٿو ته، ”فيمنسٽ نقطئه نظر سان پدرشاهي سماج جو قيام تاريخي سلسلي جو نتيجو آهي. پدر شاهي سماج ۾ مرد ۽ عورت جي تعلق۾ ان وقت تبديلي آئي، جڏهن عورت ٻار کي جنم ڏنو ۽ ان جي پرورش ڪئي.“
حياتياتي فرق کي عورت جي غلامي جو سبببڻايو ويو. پدر شاهي سماج عورت جي پيداواري صلاحيت جي نگراني ڪرڻ لڳو. سماجي،ثقافتي ۽ مذهبي روايتن ذريعي ثابت ڪيو ويو ته عورت محڪوم آهي، جسماني طور تي ڪمزورآهي، ان لاءِ عورت جي جسم جو هر اختيار مرد جي حوالي ڪيو ويو، پدر شاهي سماج ۾ نهصرف عورت جو جسم پر عورت جي سوچ ۽ شعور به پابند بڻيل هجي ٿو. سماجي پابنديونرسمون ۽ رواج هن جي ذهن ۽ سوچ کي غلامي قبول ڪرڻ تي مجبور ڪن ٿيون. سماجي ۽ ثقافتيرسمون انسانن جي عادتن ۽ سماجي ماحول مان ئي ٺهنديون آهن. اسان جي سنڌي سماج ۾ سڀ خدمتن ۽ ڪاميابين جون رسمون مردن سانسلهاڙيل هجن ٿيون. مثال طور پٽ جي ڄمڻ تي گهڻي خوشي ڪرڻ، پٽ جي ڄمڻ تي سڄي ڳوٺ ياخاندان ۾ مٺايون ورهائڻ خوشي ملهائڻ ۽ نچڻ ڳالهائڻ جون محفلون منعقد ڪرڻ، پٽ جيڇٺي ڌام ڌوم سان ڪرڻ کان علاوه شاديءَ جي سلسلي ۾ ڪيل سڀ رسمون ۽ گيت به مرد جيشان ۽ حاڪميت لاءِ ڳايا ويندا آهن، انهن سڀني رسمن ۾ عورت جي حيثيت صرف مرد جينسبت سان هوندي آهي، باقي هوءَ هر رسم مان خارج ٿيل ٿي نظر اچي. قانون ۾ تبديلي ٿيسگهي ٿي، پر اسين صدين کان رائج تفريقي رسمن کي ايترو جلدي ختم نٿا ڪري سگهون.عورت لاءِ رسمن ۽ رواجن جي پابندي مذهبي حڪمن جيان مقدس هجي ٿي.
رياستي استحصال
عورت جي سماجي ۽ معاشي حيثيت کي سماجي ۽ خانداني نقطئه نظرسان ڏسڻ کان پوءِ هڪ نظر رياست تي وجهڻ ضروري آهي. رياست هر فرد جي حقن ۽ فرضن جيحفاظت جي پابند هجي ٿي، رياستي ذميوارين ۾ هر فرد لاءِ برابر قانون سازي ڪرڻ برابرتعليم ڏيڻ، برابر تحفظ، برابر صحت جون سهولتون ڏيڻ، برابر روزگار جا موقعا ڏيڻشامل هجي ٿو. ٿورو غور سان ڏسجي ته، هڪ سيڪيولر رياست جي نسبت مذهبي پابندين ۾جڪڙيل رياست عورت کي برابر حق ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي رهي، جتي به حڪومتي نظام ۾ جاگيرداراڻونظام ۽ انتهاپسند قوتون دخل انداز ٿين ٿيون، ان سماج ۾ عورت لاءِ معاشي ترقي جاموقعا ختم ٿي وڃن ٿا. جڏهن پاڪستان ۾ ضياء جو دور آيو ته اُن ۾ آئين کي معطل ڪيو ۽بنيادي انساني حقن کي سلب ڪيو ويو، ضياء نه صرف آمر هو پر هو تمام گهڻو بنياد پرستبه هو، جنهن مذهب جي آڙ ۾ ڪيترائي ڪارا قانون نافذ ڪيا، جن جو سڌو سنئون نشانوعورت بڻي. زاهده حنا پنهنجي ڪتاب، ”عورت، زندگي ڪا زندان“ ۾ لکي ٿي ته“ 1979ع ۾ڪوڙا هڻڻ جي اسلامي سزا جو آرڊيننس جاري ٿيو، جنهن جي آرٽيڪل (1) 5 ۾ لکيل هو تهمرد کي بيهاري ۽ عورت کي ويهاري ڪوڙا هنيا وڃن ۽ ان ئي آرڊيننس جي آرٽيڪل (5) D۾ لکيل هو ته قيدي عورت ڳورهاري هجي ته سزا ٻار جي پيدائش يا  استقاطِ حمل جي ٻن مهينن تائين ملتوي ڪئي ويندي.ان آرڊيننس تحت روزنامه جنگ 25 جولاءِ 1981ع ۾ ڇپجندڙ هڪ خبر مطابق ڪنهن عورت کيڪوڙن جي سزا ٻڌائي ويئي.“ ان واقعي جي رد عمل ۾ وومن ايڪشن فورم جو بنياد پيو ۽عورتن روڊ تي نڪري احتجاج ڪيو.  ضياء جيڪارن قانونن خلاف وومن ايڪشن فورم جي ميمبر عورتن لاهور جي مال روڊ تي احتجاج ڪيو۽ رياستي جبر کي منهن ڏنائون. پوليس انهن عورتن تي لاٺي چارج ڪيو ۽ ڳوڙها گئس سانانهن کي منتشر ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ويون، ڪيتريون ئي عورتون زخمي ٿيون ۽ جيل حواليڪيون ويون. آمريت هميشه شعور کان خوفزده ٿيندي آهي ۽ انتها پسندي روشن خياليءَِ کانپري ڀڄندي آهي. آمريت جي جبر واري دور ۾ هر مڪتبه فڪر جي ماڻهن تشدد کي منهن ڏنو،وڪيلن، مزدورن، ڊاڪٽرن، اديبن، شاگردن سڀني کي اذيتون ڏنيون ويون. عورتن کي بهرستن روڊن تي ماريو ويو، جن صرف پنهنجن حقن جي ڳالهه ٿي ڪئي، ڏٺو وڃي ته ان پرتشدداونداهه واري دور ۾ طاري ٿيل انتهاپسندي ۽ مذهبي جنونيت مان رياست اڃا تائين نهنڪري سگهي آهي، عورت لاءِ ٿيل قانون سازي ان انتهاپسندي جي هيٺ آهي. جڏهنجاگيرداري سماج جي هڪ  سردار جي فيصليمطابق مختاران مائي سان جنسي ڏاڍائي ڪئي ويئي ته ملڪي قانون بي وس بڻجي ويو، سالنگذرڻ کان پوءِ به ان کي انصاف نه ملي سگهيو. پدر شاهي سماج جي نظام جو اسان جي رياستتي به حاوي هجڻ عورت جي استحصال جو اهم ڪارڻ آهي. جون 2010ع ۾ ذڪيه وساڻ جو قتلٿيو، جنهن ۾ سندس مڙس کي جوابدار ڄاڻايو ويو ذڪيه کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو هو،ڪهاڙين سان ڳڀا ٿيل لاش کڻي مائٽن ايف آئي آر درج ڪرائي پر سالن گذرڻ کان پوءِ به قاتلآزاد ٿو گهمي، رياستي قانون عورت کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ٿو نظر اچي.
عورت جي ذات سان لاڳاپيل جيترا به ڪيس سامهون اچن ٿا، اهيڀلي جنسي ڏاڍائيءَ جا هجن، قتل جا هجن، اغوا جا هجن، زبردستي شادي جا هجن، ائينمحسوس ٿيندو آهي ته اسين ڪنهن ترقي يافته، تهذيب يافته دور ۾ نه پر صديون پراڻيقبائلي دور ۾ زندگي گذاري رهيا آهيون. اِنهيءَ حقيقت جو اندازو اِتان به لڳائيسگهجي ٿو ته هِن ايڪيهين صدي ۾ ڪنهن عورت سان ٿيل جنسي ڏاڍائي جي مامري ۾ پاڪستانجي نظرياتي ڪائونسل ڊي اين اي جي ثبوت کي رد ڪندي صرف چار اکين ڏٺي شاهدن جيموجودگيءَ واري ثبوت تي ئي زور ڏي ٿي.
جديد دور جي اهامهرباني آهي ته صدين جي جدوجهد کانپوءِ بهطبقاتي سماج، جاگيردار طبقو ۽ مذهبي انتهاپسند قوتون، عورت جي سماجي توڙي معاشي حيثيتکي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. ڏٺووڃي ته ٻهراڙيءَ سان گڏوگڏ اسان جون شهري عورتونبه اوتري ئي جبر ڀوڳي  رهيون آهن. اسان جيسماج ۾ عورتن کي اڄ تائين به تعليم، صحت ۽ روزگار جي حصول ۾ مردن جي برابر آئينيحق حاصل ڪونه آهن. بنيادي انساني حقن کان محروم عورتون پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿارڻوقت به سؤ دفعا سوچين ٿيون، ڇوته رياستي آئين انهن جي تحفظ ۾ به ناڪام ٿو نظر اچي،اڄ عدالتن ۾ به عورتن جا قتل ٿين ٿا. پسند جي شاديءَ لاءِ آيل هڪ ڇوڪريءَ کيحيدرآباد جي ڪورٽ ۾ قتل ڪيو ويو هو. ۽ اهڙا کوڙ سارا واقعا روزانو اخبارن جونسرخيون بنجن ٿا.
هن وقت اسان جي سماج لاءِ عورت جي سماجي ۽ معاشي حيثيت هڪسوال بڻيل آهي. عورت پنهنجي وجود ۽ ذات کي فرد جي حيثيت سان مڃايو آهي، عورت جيذهني قابليت ۽ صلاحيتون هاڻ لڪل ناهن، پر انهن جي سماجي مڃتا نظر نٿي اچي.
مسٽراٽسڪي پنهنجي؛ 1925ع ۾ ڇپيل آرٽيڪل ۾ لکي ٿو ته، عورتجي ان خراب حالت کي پاڙ کان پٽي ڪڍڻ صرف ان صورت ۾ ممڪن آهي، جڏهن سماجي، خانداني۽ گهريلو حالتن کي بدلايو وڃي.“
عورت جي استحصال جي خاتمي کان سواءِ ڪوبه انقلاب اچڻ ممڪننه آهي. بهتري ۽ روشن خيالي هر اداري ۾ اچڻ کان پوءِ ئي ان تشدد جبر ۽ استحصال جيڄارن کي ڪٽي سگهبو. اسان جا مذهبي قدر، اسان جو سماج اسان جو خاندان ته عورت کيفرد جي حيثيت ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، پر اڄ جي عورت به انهن نظرين کي مڃڻ کان انڪارٿي ڪري. هن جو انڪار ئي هن جي ڪاميابي آهي، ايندڙ تاريخ شايد، زاهده حنا جو ٺاهيلاصطلاح استعمال ڪري پر عورت اهيءَ ”ڪوک مزدور“ واري اصطلاح مٽائڻ لاءِ جدوجهد جاريرکندي ايندي.

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪه:حسين مسرت
حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت اڳتي پڙهو →

0 تبصرا: