Ad 468 X 60

Thursday, November 24, 2016

خيرات، خالي جهولي ۽ نيڪين جو ڪاروبا

قطار اندر قطار،لڳي ٿو ته هاڻي قطارن کان ٻاهر قوم جي ڪا زندگي ئي ناهي، ڊگهيون قطارون سي اين جياسٽيشن اڳيان هجن يا ڪنهن خيراتي اداري جي اڳيان هجن، اهي قوم جي لاءِ صبر آزماضرور هجن ٿيون. اقتدار جون واڳون سنڀاليندي ئي قوم کان قربانيءَ جي گهر ڪندڙ وزيراعظم جون اليڪشن کان پهرين
ڪيل دعوائون ته ڪجهه مهينن اندر پڌريون  ٿي ويون. هاڻعوام ڄاڻي عوام جا مسئلا ڄاڻن. اقتدار جي حصول جي جنگ جي خاتمي کانپوءِ هاڻ عواماڪيلو قطارن ۾ پيڙجي رهيو آهي. بجلي جي ڪمي ۽ لوڊشيڊنگ جي آزار مان آزاد ٿيڻ ممڪنئي نٿو لڳي. ڇو ته ان لاءِ ڪي ٽيڪنيڪل مسئلا ٻڌايا ٿا وڃن. چيو وڃي ٿو ته قصورواراهو طبقو آهي، جيڪو بجلي جا بل جمع ڪرائڻ جي زحمت گوارا نه ٿو ڪري، پر ڏٺو وڃي تهاهي علائقا، جيڪي اهم ماڻهن ۽ با اثر ماڻهن لاءِ مختص هجن ٿا، انهن جي بنسبت غريبآبادين ۾ لوڊشيڊنگ وڌيڪ ڪئي ٿي وڃي. پر هن وقت جيڪا صورتحال آهي، ان مطابق، سرمايوحڪومت وٽ به ناهي ۽ پئسو غريب ماڻهن وٽ به ناهي. آئي، ايم ايف جا قرض ۽ ٻين قرضنوٺڻ کان پوءِ هڪ اخباري رپورٽ مطابق هر پاڪستاني شهري 86000 رپين جو قرضدار ٿيچُڪو آهي ۽ هر پيدا ٿيندڙ ٻار قرضي پيدا ٿو ٿئي.
حڪومتي فيصلا، ملڪي معيشت کي ڪيترو فائدو رسائيندڙ ثابت ٿا ٿين، اهاالڳ ڳالهه آهي. ان تي يقيناً معاشيات جي ماهرن جي گهري نظر هوندي، پر اهڙن فيصلنجو سڌو سنئون اثر غريب طبقي ۽ پورهيت طبقي تي گهڻو منفي طريقي سان ٿئي ٿو. ڪڏهناهڙي منصوبه بندي سامهون نه آئي آهي، جيڪا تباهه ٿيندڙ معاشي نظام جي بنيادن کيمضبوط ڪري سگهي ۽ غربت جي آزار ۾ ڪا ڪمي آڻي سگهي. ڏٺو وڃي ته اسان جو سماج صدينکان طبقاتي فرق جو شڪار رهيو آهي. ڪلاس سسٽم اسان وٽ مروج رهيو آهي. سڀ معاشيوسيلا هڪ مخصوص طبقي جي هٿ وس هجن ٿا. اهوفرق هميشه صاف ظاهر نظر ايندو آهي، پرڪجهه مخصوص ڏينهن ۽ ڪجهه مهينا اهڙا ايندا آهن، جن  ۾ اهو فرق وڌيڪ واضح نظر ايندو آهي. مخصوصبابرڪت مهينن ۾ سرمائيدار طبقي کي پنهنجي بئنڪ اڪائونٽ سان گڏوگڏ نيڪين جي اڪائونٽ۾ به واڌ جو شوق ٿيندو آهي. هو جڏهن چاهين، سنڌ جي هزارين ضرورتمندن کي پنهنجي درتي گهرائي پنهنجين نيڪين جي اڪائونٽ ۾ واڌ آڻي سگهن ٿا. جنهن مهل چاهين در تانسوالي خالي موٽائڻ جو اختيار رکن ٿا. ڪجهه ڏينهن پهرين ڪراچي ۾ اهڙي ئي هڪ اجتماع۾ جتي نيڪين جي حصول لاءِ وڏي پيماني تي ڪنهن شادي هال ۾ راشن ورهائڻ جو بندوبستڪيو ويو هو، 3000 کان 4000 عورتن مان صرف 200 خوش نصيب عورتن کي ٿيلها ملي سگهيا،باقي ٻين کي ڌڪا ۽ موت مليو. ٻه عورتون چيڀاٽجي زندگي وڃائي ويٺيون. جيڪي مستحقعورتون پنهنجن ٻار لاءِ کاڌ خوراڪ وٺڻ آيون،  انهن جي قتل جي ذميواري ڪير قبول ڪندو؟شايد نيڪين جو وڌندڙ اڪائونٽ ان ڏوهه کي به ڌوئڻ جي سگهه رکي ٿو. جنهن وٽ پئسوآهي، اهو موت به خريد ڪري سگهي ٿو، حياتيءَ جي قيمت به ڏئي سگهي ٿو. دولت مندماڻهن وٽ قتل جو لائسنس هجي ٿو، ان ڪري انهن تي ڪا به ميار نه ٿي ڏيئي سگهجي.ڪالهه به ڪنهن مشهور اداڪار جي گهر نيڪين جو ڪاروبار جاري هو، جنهن ۾ ڪافي عورتنجي زخمي ٿيڻ جي خبر ملي هئي. خيراتي ادارن جي اڳيان سخت گرميءَ ۾ روڊن رستن تي هڪوقت جي ماني لاءِ ماڻهن جا هجوم ۽ قطارون، قومن  جي بي حسيءَ تي علامت ٿا لڳن. اهي ڪهڙيوننيڪيون آهن، جيڪي انسان جي عزت نفس کي مجروح ٿيون ڪن. هڪ ٻن وقتن جي ماني، ڪنهنغريب جي غربت ته ختم نه ٿي ڪري سگهي، پر هن جي عزت نفس کي مجروح ڪري هن مان پاڻڪمائڻ واري خواهش ۽ خود انحصاريءَ جي حقيقت جو خاتمو آڻيندڙ ضرور ثابت ٿئي ٿي.ڪجهه ماڻهو چند رپين جي آڌار تي دين ۽ دنيا سڀئي خريد ڪري ٿا وٺن ۽ ڪجهه ماڻهوهميشه معاشي اڻ برابريءَ جي ڪُن ۾ ڦاٿل ٿا رهن. محسوس ائين ٿو ٿئي ته آسمان جونرحمتون ۽ برڪتون صرف امير طبقي تي نازل ٿيون ٿين،  غريب هميشه گناهگار ۽ آزمائشن جي ور چڙهيلهجن ٿا. غريب وٽ ته ڇوٽڪاري جو ذريعو نظر ئي نٿو اچي. جيڪي ڏيڻ چاهين ٿا، انهن جومقصد صرف چند نيڪيون حاصل ڪرڻ هجي ٿو. حالانڪه قومي شعور جي تقاضا اها آهي ته،مناسب منصوبه بنديءَ سان مستحق ماڻهن جي مدد ڪئي وڃي، هڪ وقت جي ماني 100 ماڻهن کيکارائڻ جي بجاءِ جيڪڏهن ڪنهن مستحق گهر ۾ هڪ مهيني جو راشن پهچائجي، ڪنهن هڪ ٻارجي تعليم جو خرچ کڻجي، ڪنهن بيمار فرد جو علاج ڪرائي ڇڏجي ته، بهتر نه ٿيندو؟  پر اسان وٽ اهيطريقا شايد رائج نٿا ٿي سگهن، ڇو ته انهن طريقن سان نه خبر ٺهندي نه فوٽو لڳندو نهوري مشهوري ٿيندي. جيڪي خيراتي ادارا صرف شهرت جي سهاري هلي رهيا آهن، انهن ماڻهنکي فقير بنائي ڇڏيو آهي. ڪنهن راهه ڀٽڪيل کي منزل جو پتو ٻڌائڻ جو رواج هاڻ رهيوئي ناهي. غربت نه ختم ٿيڻ جي اهم وجه اها ئي آهي ته، مدد غريب جي ڪئي ٿي وڃي، پرغربت جي خاتمي لاءِ ڪو لائحه عمل مرتب نٿو ڪيو وڃي. عام استعمال جون شيون باقاعدهمنصوبه بندي جي تحت مارڪيٽ مان گم ڪيون وينديون آهن، ته جيئن هن وقت برڪتن جيمهيني جي شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ ڪڻڪ مارڪيٽ مان گم ٿي وئي. ذخيرو ڪري وڪڻندڙ هميشه کانائين ئي ڪندا آهن، عام ماڻهو وڌندڙ اگهن جي شڪايت ڪندو ئي رهجي ويندو آهي.
هر قسم جو منفي ڪاروبار يڪدم عروج کي رسي ٿو وڃي، وڌندڙ قيمتن تيڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪابه حڪمت عملي وضع نه ڪئي ويندي آهي. برڪتن مان مستفيض ٿيڻ جو حقهر ڪنهن کي حاصل هجي ٿو. انهن ئي ڏينهن ۾ شهرن ۾ فقيرن جو آزار به وڌي ويندو آهي.هو گهرڻ کان وڌيڪ ڦرلٽ جي موڊ ۾ هوندا آهن. زبردستي پنهنجون ضرورتون ٻڌائيندا آهن.هو مارڪيٽ ۾، روڊن تي ۽ هر طرف پڪڙي بيهندا آهن، انهن کان نه پيدل ماڻهو ٿو بچي ۽نه وري گاڏين وارا محفوظ ٿا رهن، هو فقير گهٽ پر ڌاڙيل وڌيڪ لڳندا آهن، گهڻيوندعائون ڏيندا، پر ڪجهه نه ملڻ جي صورت ۾ دردناڪ عذاب جي پيش گوئي به ڪندي نظرايندا آهن. ڪجهه وري ننڍا ننڍا ڪتاب ۽ بابرڪت فريم کڻي به ڊيڄاريندا نظر اينداآهن. عام ماڻهوءَ جو انهن کان بچڻ تمام محال هجي ٿو. اهي سڀ ڳالهيون نيون نه آهن،پر سوال اهو آهي ته اهو سڀ ڪجهه ختم ڪرڻ لاءِ اپاءُ ڪڏهن ورتا ويندا. گاهه کائي ائٽمبم ٺاهيندڙن جي نصيب ۾ پيٽ ڀري ماني کائڻ ڪڏهن لکجندو؟ قوم کان قرباني ته هر ڪوئيٿو گهري، پر قوم لاءِ قربان ٿيڻ وارا ڪڏهن منظر تي ايندا؟ هي قطارن جا سلسلا، هيفقير بڻجندڙ قوم جا پکڙيل هٿ، ڪڏهن معاشي عمل ۾ شامل ٿيندا؟
haseenmusarat@yahoo.com

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪه:حسين مسرت
حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت اڳتي پڙهو →

0 تبصرا: