Ad 468 X 60

Thursday, November 24, 2016

روشنين کان اونداهي طرف ويندڙ سنڌ جا شهر

روشنين جي شهر کي اسين شايد موت جو شهر تسليم ڪري چڪا آهيون پر هي هوائن جي شهر کي ڇا ويو آهي؟  مافيائن جي راڪاس جي چنبي ۾ ڦاٿل ڪراچي شهر ته پنهنجا آخري پساهه کڻي رهيو آهي، پر هاڻ لڳي ته مافيائن  جا ٻج شهر حيدرآباد ۾ به ڇٽجي چڪا آهن، مهڪندڙ  شامن ۽ تڌڙين هيرن جي شهر حيدرآباد
جي فضائن ۾ به هاڻ بارود ۽ خوف قدم ڄمائڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن.
بدامني، ڦرون، چوريون، ڀنگ لاءِ اغوا، قتل، برادري جهيڙا احتجاج ڪندڙ ريلين تي حملا، ڪارو ڪاري، هن وقت اهڙو ڪو ڏوهه ناهي، جيڪو هن شهر ۾ نه ٿي رهيو آهي. ائين محسوس ٿو ٿئي ته انتظاميه ۽ قانون نالي جون شيون پنهنجي سڃاڻپ وڃائي چڪيون آهن. گذريل مهيني ۾  وجدان نالي نوجوان اغوا ٿيو ۽ ڀنگ نه ڀرڻ جي ڏوهه ۾ لاش جي صورت ۾ مائٽن کي وصول ٿيو. پريٽ آباد ۾ 3 قتل ٿيا،حسين آباد ۾ برادري جهيڙي ۾ 5 سولنگي ڀائر مارجي ويا. ڦليليءَ جي ڇوڪري ريما کي مائٽن قتل ڪري ڇڏيو. فضل ٽائون ۾ هڪ ماڻهو مارجي ويو. شميم اختر ۽ تسليم اختر ٻه ڀينرون قتل ڪيون ويون، هڪ ڀيڻ شميم پنهنجي گهر واري هٿان قتل ٿي، ان قتل ۾ هڪ پوليس اهلڪار جو نالو به شامل هو. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ شميم جي قتل جي ڪيس جي شنوائي تان واپس ايندڙ تسليم اختر آرائين کي به وچ شر ۾ گوليون هڻي قتل ڪيو ويو.
21 جون تي لطيف آباد اين اي ڊي جو شاگرد شيراز مغل ڦر دوران مزاحمت ڪندي قتل ڪيو ويو ۽ ساڳئي ڏينهن تي سنڌ يونيورسٽي جو شاگرد عرفان نانگراج قتل ڪيو ويو. نامعلوم ماڻهو گوليون هلائين ٿا ۽ مرڻ وارن جو انگ وڌندو ٿو وڃي، پر مجرم هميشه قانون جي دائرن کان ٻاهر  ئي رهندا آهن. بند پيل دڪانن جا تالا ٽوڙي چوريون ڪرڻ ته روز جي معمول ۾ شامل ٿي چڪو آهي، ائين به ناهي ته قانون نافذ ڪرڻ وارا ادارا ايترا بي خبر هجن، هر ڏوهه تي نظر رکندڙ ادارا ئي آهن، جيڪي هن وقت ڏوهن کي هٿي ڏيئي رهيا آهن. چيو ويندو آهي ته سنڌ کي پير ۽ وڏيرا کائي ويا آهن. پر ڏٺو وڃي ته هن وقت رياستي مشينري به ڏوهن جي پٺ ڀرائي ٿي ڪري. ڪنهن بي گناهه کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ته تمام سولو آهي، پر مجرم کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ نامڪن  ٿو نظر اچي.  رياستي دهشتگردي جو اهم مثال حيدرآباد جي شاگردياڻي صبا جي  خودڪشي به آهي. پوليس اهلڪار گهران  کيس کنڀي کڻن ٿا، سڄي رات  روڊن رستن تي رلائين ٿا. معصوم  17 سالن جي صبا  دلبرداشته ٿي خودڪشي ٿي ڪري. حيدرآباد پوليس ۽ ميرپورخاص پوليس جا اهڪار اغوا جي ايف آءِ آر جي بنياد تي صبا کي رات جو گهران کڻي ٿا وٺن، پر وري جڏهن صبا جو والد صبا جي قتل جي ايف آءِ آر درج ٿو ڪرائي ته ان تحت ڪوبه عمل نٿو ڪيو وڃي. سڄي مشينري ساڪت ٿيو ٿي وڃي، پوليس اهلڪار ضمانت ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ٿا وڃن. سنڌ جو سياسي نظام به وڏيرا شاهي ۽ پير پرستي جي ور چڙهيل آهي. علائقي جو با اثر ماڻهو عام ماڻهو تي حڪومت ٿو ڪري، وري جڏهن هن کي سياسي طاقت به حاصل ٿئي، ته هو سڄي مشينري تي قابض ٿي ان کي هلائي ٿو. قانون نافذ ڪندڙ ادارن ۾ سياسي ڀرتيون ته عام ڳالهه آهي، پر سياسي تقرريون به عام آهن. علائقي جا با اثر ماڻهو پنهنجن حدن ۾ ايس ايڇ او کان وٺي ايس ايس پي تائين ۽ پنهنجي مرضي جا آفيسر رکندا آهن، جيڪي انهن جي حڪم کان سواءِ ڪجهه نه ڪري سگهندا آهن. فرض شناس آفيسر ڪڏهن به پنهنجي سيٽ تي سک سان نه وهي سگهندا آهن، ٽرانسفر جي تلوار سدائين انهن مٿان لٽڪيل هجي ٿي. بااثر ماڻهو  ڪڏهن به اهو ڪونه چاهيندا ته ڪو عام ماڻهو انهن جي اڳيان بيهڻ جي همت ڪري سگهي. ڪيس ڪورٽ تائين پهتو ته عدالت مان ضمانت نه ٿي سگهي. هڪ بااثر ماڻهو سڄي رياستي مشينري کي مفلوج ڪري سگهي ٿو، انصاف ۽ قانون کي به خريد ڪري سگهي ٿو، پر حقدار کي حق ڏيارڻ لاءِ هوڪڏهن به پنهنجا اثر رسوخ استعال  نه ٿو ڪري سگهي. جن تي قتل جي ايف آءِ آر هجي ٿي، اهي ته ضمانت ڪرائي سگهن ٿا. ريپ ڪندڙ جي به ضمانت ٿي ٿي وڃي، پر جيڪڏهن ڪو عام ماڻهو وڏن ماڻهن جي زير عتاب اچي ته ان لاءِ جاءِ پناهه ڪابه نه آهي. سياسي ڀرتين،   طاقتور من پسند ماڻهن  جي وچ ۾ عام ماڻهن جو آجپو ته پري پر جياپو به مشڪل ٿو نظر اچي. سنڌ جي روڊن ۽ رستن تي اڄ ڪلهه ڦرون ۽ اغوا عام ٿي ويا آهن، هر پاٿاريدار کي ڪنهن نه  ڪنهن وڏي جو آشير واد حاصل هجي ٿو. عام ماڻهو مري ٿو، خوف ۾ زندگي گذاري ٿو ۽ انهن جو ڪاروبار بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي جاري و ساري آهي. ٻهراڙين واري لاقانونيت هاڻ اسان جي شهرن ۾ به ڪاهي پئي آهي. بدامني هٿ سان پيدا ڪئي ٿي وڃي. شهرن کي مفلوج بنائيندڙ ڌريون به مافيا جي صورت اختيار ڪنديون ٿيون وڃن. 
جڏهن انجنيئر اعجاز ملاح اليڪشن ۾ بيٺو ته ان  همت ڪرڻ جي سزا ان کي اهڙي طرح ڏني وئي، جو وري ڪوبه پڙهيل لکيل ماڻهو سياسي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ جي باري ۾ سوچي نه سگهندو. جڏهن قانون جا محافظ ئي قانون ٽوڙين ته پوءِ دانهن ڪنهن کي ڏجي. رات جي انڌيري ۾ 100 کان مٿي پوليس جا ماڻهو بنا وارنٽ جي گهر جي اندر داخل ٿين ٿا ۽ اعجاز ملاح کي معمولي ڪيس ۾ نامزد ڄاڻائي گرفتار ڪري ٿا وٺن. حيدرآباد جي مختلف ٿاڻن تي گشت ڪرائڻ کانپوءِ جيل منتقل ڪيو ٿو وڃي. اهو تيز رفتار عمل پوليس جي فرض شناسي جو مثال ناهي، پر ڪنهن بااثر طاقتور جي اشاري تي ڦڙتيءَ  ڏيکارڻ آهي. ڏوهن جو به طريقه ڪار طئه ٿيل ٿو هجي. ڪٿي ڪٿي بااثر ماڻهن پاران  ٿيندڙ ڏوهن تي پوليس چشم پوشي اختيار ڪندي آهي، ڇو ته جنهن بااثر جي چوڻ تي هن کي سيٽ مليل هوندي، هو ان جي خلاف ڪيئن ٿو وڃي سگهي؟ ڏوهن جي دنيا ڏاڍي سگهاري آهي. عام ماڻهو جو جياپو سواءِ خاموشي جي ٻيو ڪجهه بچيو ئي ناهي. تعليم، روشن خيالي، قانون، انصاف ڄڻ ته اسان جي سماج سان ڪو تعلق ئي نٿا رکن. شهر جا محافظ ۽ رکوالا جڏهن شهر کان لاتعلق ٿي وڃن ته پوءِ ڪيڏانهن وڃجي؟
آهستي آهستي اسان جا شهر جنگ ۾ تبديل ٿيندا ٿا وڃن، جت ڪوبه قانون نه هوندو آهي، صرف طاقت ۽ وحشت جي حڪمراني هجي ٿي. هتي وڌندڙ جهنگن جي صورتحال تي عدليه پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ شايد ضروري نٿي سمجهي. روشنين کان اونداهيءَ طرف ويندڙ اسان جي سماج کي آجپو ڪير ڏياريندو.
حيدرآباد ۾ وڌندڙ بدامني خلاف واپاري ماڻهن به احتجاج ۽ اعلى آفيسرن سان ملاقاتون ڪيون، پر محسوس ٿئي ٿو ته شهر جي امن  امان سان پوليس جو واسطو ئي ناهي. ڪاروباري ماڻهو رڙيون ڪندا رهيا، جڏهن انهن کي اعلى آفيسرن ملاقات جو مختصر ٽائيم ڏنو ته هو پنهنجا مسئلا تفصيل سان ٻڌائي نه سگهيا. واپاري ماڻهن جو چوڻ هو ته آءِ جي ۽ ڊي ايس پي پنهنجين آفيسن ۾ تمام مختصر ٽائيم لاءِ  ٿا ويهن. اهي اعلى آفيسر، جن لاءِ عام ماڻهو جي شڪايت ٻڌڻ کان ڪنهن سياسي شخصيت جي حاضري ۾ ويهڻ وڌيڪ ضروري هجي ٿو، انهن جو فرض وڏن ماڻهن کي سياسي ۽ سرڪاري پروٽوڪول ڏيڻ هوندو آهي. شهر  ۾ امن هجي يا نه، ان سان اعلى آفيسرن تي ڪوبه فرق ناهي پوندو، ڇو ته انهن جا پنهنجا گهر شهر کان ٻاهر هوندا آهن. انهن جي ٻارن جي تعليم به ٻاهرين ملڪن ۾ مڪمل ٿيندي آهي. هنن جي سماجي زندگي مڪمل طرح محفوظ هجي ٿي ته پوءِ هو فڪرمند ڇو ٿيندا؟
فڪر انهن کي ٿيندو، جيڪي شهر جا رکوالا هوندا. شهر جي ٿڌين هوائن ۾ ساهه کڻندڙن لاءِ جڏهن ساهه کڻڻ جيتري به هوا نٿي بچي، ته هو گهٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول جي خاتمي لاءِ ٿا سوچين. لاقانونيت، بغاوت ۽ بيچيني جي فضا کي تخليق ٿي ڪري.شايد هي منظم ڏوهن جو نظام، جيڪو  طاقت ۽ سياسي اثر رسوخ جي سهاري تي هلي رهيو آهي، ان جو خاتمو سوچ جي تبديليءَ سان ممڪن هجي. اها سوچ، جيڪا غلط کي غلط چوڻ جي سگهه رکندڙ هجي، ڏوهه کي ڏوهه ثابت ڪري سگهي، ۽ ڏوهاري کي ڏوهاري چوڻ جي همت ڪري سگهي.
haseenmusarat@yahoo.com

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪه:حسين مسرت
حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت اڳتي پڙهو →

0 تبصرا: