Ad 468 X 60

Thursday, November 24, 2016

سنڌ حڪمرانن جي ايجنڊا تي ڇو ناهي؟

سياسي مهرن اڃا سياسي ميدان ۾ پنهنجيون جايون سنڀاليون ئي نه هيون ته، صدارتي انتخاب متوقع اتحادن کي ٽوڙي ڇڏيو، هن دفعي مضبوط ڌريون گڏجي ويون ۽ پيپلز پارٽي سنڌ جيان اڪيلي رهجي وئي. سياست جي ميدان ۾ اها ڪا نئين ڳالهه ناهي، پر موجوده وقت ۾ جڙندڙ اتحاد عجيب آهن. اهڙيون تبديليون پيون اچن، جيڪي اڳ ڪڏهن نظر نه آيون آهن. اليڪشن 2013ع جي تيارين کان وٺي اليڪشن جي نتيجن اچڻ تائين اهڙو سياسي انتشار
شروع ٿيو، جيڪو اڃا تائين اختتام پذير نه پيو ٿي سگهي. اليڪشن جي دوران جيڪي اتحاد ٺهيا، انهن جي ڪاميابي ۽ ناڪاميءَ جا نتيجا عوام جي سامهون اچي ويا. وري اقتداري اپوزيشن تائين پهچڻ جي جيڪا رسه ڪشي شروع ٿي، تنهن جو دنگ صدارتي انتخاب تائين به ختم نه ٿي سگهيو. اليڪشن ڪميشن جي ڏنل وقت تي ٿيندڙ صدارتي انتخاب جو پ پ پ بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو هو. پر مضبوط سياسي اتحادن پنهنجي مرضيءَ مطابق اليڪشن ۾ حصو ورتو ۽ پنهنجو صدر منتخب ڪري ڇڏيائون. اهو ڏينهن سڀني کي ياد هوندو، جڏهن 5 سال پهرين، گذريل حڪومت ۾ پ پ پ اڪثريت سان مرڪز ۾ حڪومت ٺاهي رهي هئي ته ايم ڪيو ايم غير مشروط اتحاد ڪيو هو ۽ صدارتي انتخاب ۾صدر آصف علي زرداريءَ جي حمايت جو به غير مشروط اعلان ڪيو ويو هو، ان غير مشروط اتحاد ۾ لڪل شرطن کان ته حڪومتي پارٽي چڱي نموني آگاهه هوندي، پر ان اتحاد جا جيڪي نتيجا پڌرا ٿيا، ان کي سنڌي عوام دل سان محسوس ڪيو. حڪومت جي پهرئين ڏينهن کان اڄ ڏينهن تائين جي وقت گذرڻ دوران ڏينهون ڏينهن سنڌي عوام پنهنجي حڪومت تان ويساهه ختم ڪندو ٿو نظر اچي. اليڪشن 2013ع  دوران به سنڌي عوام ۾ روايتي جوش و خروش نه هو. سنڌي عوام خبر ناهي ته ڇو سياسي عمل مان پنهنجو پاڻ کي خارج سمجهندو ٿو وڃي. هن انتشاري سياسي دور ۾ سنڌ نظر انداز ٿيندي ٿي محسوس ٿئي. سنڌ جا بنيادي مسئلا اڳ به حل ٿيڻ جوڳا نه سمجهيا ويا هئا، پر هاڻ نئين حڪومت مان اميدون رکڻ شروع ڪيون هيون، پر اڃا تائين ڪابه مثبت پيش رفت نظر نٿي اچي. هن وقت ايم ڪيو ايم مرڪز ۾ پنهنجا پير پختا ڪرڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهي. هي جماعت آمريت جي دور ۾ وجود ۾ آئي ۽ منفي قوتن کي مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي رهي، پر هن جي ڪاميابي جو صرف هڪ ئي راز آهي ته هن ”لغڙ“ جي ڏور ڪٿان ٻاهران ٿي ڪنٽرول ٿئي. اهميت ٻاهرين قوتن جي آهي ۽ ايجنڊا انهن جو ئي آهي، انهن جي مرضي ته لغڙ کي ڍر ڏين يا ڪاٽا ڪري ڇڏينس.
هن وقت به سياسي اتحاد جنهن طرف وڃي رهيا آهن، ان ۾ سنڌ انهن جي ايجنڊا ۾ شامل ئي ناهي. گذريل حڪومت ۾ ٻه وڏيون تحريڪون هليون، جنهن ۾ سنڌ جي هر ماڻهو حصو ورتو. سنڌي سول سوسائٽي، اديب، دانشور، استاد، شاگرد، وڪيل، ڊاڪٽر، عام ماڻهن هر ڪنهن شعبي سان تعلق رکندڙ سنڌ دوست ڌرين انهن تحريڪن ۾ ڀرپور حصو ورتو. انهن مان هڪ هئي سنڌ يونيورسٽي جي استادن پاران هلايل تحريڪ، جيڪا هڪ پروفيسر بشير چنڙ جي قتل کان پوءِ شروع ٿي.  انتظاميه جي ڪرپشن ۽ وي سي جي نااهليءَ جي خلاف سنڌ يونيورسٽي جا استاد ۽ ملازم سڄو سال دانهيندا رهيا ۽ لانگ مارچ به ڪيا ويا. گورنر هائوس تائين احتجاج پيش ڪيو ويو، پر اڃا تائين به اهو نظام صحيح نه ٿي سگهيو آهي. سنڌي شاگرد پنهنجي تعليمي ادارن ۾ محفوظ تصور نٿو ڪيو وڃي. انتطاميه جي نااهلي جي ڪري اڄ HEC جي رينڪنگ ۾ سنڌ يونيورسٽي جو گراف گهٽجندو ٿو وڃي. عالمي طور تي مڃيل سنڌ يونيورسٽي اڄ پنهنجي اها اهميت برقرار نه پئي رکي سگهي.HEC جي رپورٽ مطابق سنڌ يونيورسٽي جا 3 پروفيسر به بليڪ لسٽ ٿي چڪا آهن. اڄ تائين به انتظاميه ۽ ملازمن جا اختلاف برقرار آهن ته انتظاميه ۽ استاد به هڪ ٻئي سان متفق نٿا نظر اچن، سنڌ جو گورنر جيڪو سنڌ جي يونيورسٽيز جو نگران آهي، ان کي سنڌ جي ڪرندڙ تعليمي معيار سان ڪابه دلچسپي نٿي نظر اچي. ان تحريڪ ۾ سڄي سنڌ هڪ طرف، پ پ پ پنهنجي اتحادي ڌر سان گڏ الڳ بيٺي هئي. ٻئي وڏي تحريڪ سنڌ جي مڪاني نظام متعلق هئي، جنهن ۾ به ڏات ڌڻين کان وٺي عام ماڻهن تائين، سنڌ جي هر شهر ۽ هر ڳوٺ ۾ سنڌين دانهون ڪيون، احتجاج ڪيا ۽ سنڌ جو انتظامي ورهاڱو نامنظور ڪيو هو. اهي چئلينج اڄ به موجود آهن ۽ اسان جي حڪمران جماعت کي ياد هوندو ته انهن تحريڪن جي نتيجي ۾ سنڌي عوام مان سندس مقبوليت جو گراف ڪيترو تيزيءَ سان گهٽ ٿيو هو. سنڌ يونيورسٽي جي ويراني سوال پڇندي ٿي نظر اچي. تعليمي سرگرميون ۽ شاگردن جون رونقون هاڻ موجود ئي ناهن، صرف خوف جي فضا طاري ٿي نظر اچي. سنڌ جو نئون مڪاني نظام به سنڌي عوام لاءِ چئلينج بڻيل آهي.
سنڌ جي انتظاميه جا بنيادي ڍانچا ڪمزور ٿي چڪا آهن، هر ادارو ڀڃ ڊاهه جو شڪار آهي. سنڌ بس منتظر آهي. سياستدانن جا روايتي اتحاد پنهنجي پڄاڻي کي پهچن ته هو ڪجهه عوام جي مفادن لاءِ به سوچين، في الحال ته هر ڪو پنهنجي پوزيشن مضبوط ڪرڻ جي چڪر ۾ آهي. اڄ پنجاب جو گورنر اعلى تعليم يافته ۽ قابل ماڻهو ٻاهران گهرايو ٿو وڃي، پر سنڌ جي گورنري ان کي ڏني ويئي هئي. جيڪو گهڻن ڏوهن ۾ ملوث ڄاڻايل هو. اڄ سنڌ جو سياسي ميدان ته اڳواڻن کان خالي آهي، اسان جا ادارا انتظامي هجن يا تعليمي هجن اهي به اهل اڳواڻن جا منتظر ئي رهجي ويا آهن. اڄ جا سياستدان پنهنجن اتحادن کي رشتا طئي ڪرڻ ۽ شادين سان تشبيهه ڏيئي رهيا آهن. اهڙو حال رهيو ته پوءِ انهن جي طلاق ۽ خلع ۾ به دير ڪانه لڳندي. سياسي عدم استحڪام جو شڪار ملڪ پنهنجن مسئلن جي وچ ۾ اڪيلو بيٺل ٿو محسوس ٿئي. اسان جا سياستدان اڃا هڪ ٻئي کي پرکڻ ۽ سمجهڻ جي مرحلن ۾ آهن. ان کان پوءِ هو هڪ ٻئي سان گڏ هلڻ جا فيصلا ڪندا، تنهن کانپوءِ هو سوچيندا ته ملڪ کي درپيش خطرن کي ڪهڙي طريقي سان منهن ڏيڻو آهي. ها! شايد اهو فيصلو وڌيڪ آسان ٿيندو ته ڪهڙي طريقي سان انهن خطرن کي گهٽ نقصان رسائيندڙ بڻائجي ۽ عوام کي انتظار ۽ خواب جي ڪيفيتن ۾ رکندي، هڪ ٻئي جي مفادن ۽ خوشين جو بچاءُ ڪيئن ڪجي؟  خبر ناهي ته افطار پارٽين ۾ ٿيندڙ فيصلا ملڪ جي مفاد ۾ هوندا يا ٻين ڌرين جي مفادن جي ور چڙهيل رهندا!
haseenmusarat@yahoo.com

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪه:حسين مسرت
حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت حسين مُسرت شاه بابت اڳتي پڙهو →

0 تبصرا: