Ad 468 X 60

Thursday, November 24, 2016

ٻهراڙيءَ جي عورت جي جيءَ ۾ جهاتي

جنهن بن ڪانه سري اي سرتي!
جيءَ جيءَ تي جنهن جو جادو

”ڇا لکي ساجن؟
اون هون، اون هون
اي لکي سنڌو.“
شيخ اياز جون پروليون پڙهي دل چوي ٿي ته پرولي ان جي نانءُ ڪجي، جيڪا ’اسم ذات‘ جيان، نالو ۽ صفت رکي ٿي، پر نظر نه ٿي اچي هو وجود به رکي ٿي، پر موجودگيءَ جي مڃتا کان محروم ئي ٿي رهي.
هن جو اس ۾ سڙڻ ٻين لاءِ ڇانورو بڻجي ٿو...!
هن جي بک ٻين لاءِ ڍؤ ٿي بڻجي....!
هن جو موت ٻين کي زندگي

آزاد ذهن خاموش ڇو آهن!؟


آواز هڪ ڌر جو ۽ انداز ٻين جو، سوچ هڪ ڌر جي ۽ پيش ڪندڙ ٻي ڌر، ان جو اثر ٽئين ڌر تي ٿئي ۽ فائدو وري چوٿين ڌر حاصل ڪري.
اهو سڀڪجهه ٿيندو آهي پتلي تماشي ۾. پتلي تماشي ۾ بي جان بتن کي عوام آڏو پيش ڪيو ويندو آهي بي جان بت اڻ ڏٺل ڏور سان ٻڌل هوندا آهن. هنن جو هر لفظ پرائي سوچ جي عڪاسي ڪندڙ ۽ سندن چرپر جو انداز، ڏور هلائيندڙ جو محتاج هوندو آهي. ڏور هلائيندڙ، بي جان بتن وسيلي مجسمي جي جذبن سان کيڏندا آهن. انهن جو کلڻ، روئڻ انهن جي ڪنٽرول ۾ هوندو آهي. ان پتلي تماشي مان فائدو حاصل ڪندڙ، ڏور هلائڻ وارن، پتلن ۽ مجسمي جي مفادن سان ڪا دلچسپي رکڻ ضروري ڪونه سمجهندا آهن. ان تفريحي کيڏ ۾ هر ڌر بي خبر هوندي آهي. ساڳي صورتحال جڏهن انسانن تي مڙهي ويندي آهي ته هو به اڻ ڄاڻائيءَ ۾ ٻين جي مفادن جي جنگ وڙهندو آهي، جدوجهد ڪندو آهي، فائدو ٻيا حاصل ڪندا آهن. ڪجهه قوتون انسان جي آزاد سوچ ۽ فڪر کي ناپسند ڪنديون آهن، اهي هميشه آزاد ذهن ۽ فڪر رکندڙ